تهران (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو ايران جو مختصر پر انتهائي اهم سرڪاري دورو مڪمل ٿي ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٿيل ڳالهه ٻول جي نتيجي ۾ حتمي مفاهمت طرف اتساهيندڙ اڳڀرائي ٿي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير ايران جي اعليٰ قيادت سان اهم ملاقاتون ڪيون، انهن ملاقاتن ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ امن جي قيام لاءِ جاري ٽياڪڙي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هي ملاقاتون جاري سفارتي ۽ ٽياڪڙي ڪوششن جو حصو هيون.
آءِ ايس پي آر موجب، ايران پهچڻ تي فيلڊ مارشل جو ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني سينئر سول ۽ عسڪري اختيارين سان گڏ آڌر ڀاءُ ڪيو.
فيلڊ مارشل ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ڪئي، فيلڊ مارشل ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان پڻ ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير جون تهران ۾ ايران جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون هاڪاري ۽ تعميري ماحول ۾ ٿيون، ملاقاتن ٽياڪڙي واري عمل کي اثرائتي انداز ۾ اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٿيل گهري ڳالهه ٻول جي نتيجي ۾ حتمي مفاهمت طرف اتساهيندڙ ڳڀرائي ٿي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب ملاقاتن جو مقصد 8 اپريل واري جنگ بندي کانپوءِ خطي ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻائڻ آهي، ملاقاتن جو مقصد تعميري رابطن کي هٿي ڏيڻ آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ايراني قيادت علائقائي مسئلن جي پرامن حل ۾ پاڪستان جي مخلصاڻي ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو.
خطي ۾ امن جي اميد: فيلڊ مارشل عاصم منير جي دوري کانپوءِ ايران سان حتمي مفاهمت طرف وڏي اڳڀرائي
You might also like