بنون(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ پوليس جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 15 خارجي مارجي ويا، جڏهن ته مقابلي ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ رٽائرڊ ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.
سينٽرل پوليس آفيس (سي پي او) موجب، بنون جي ٿاڻي ميريان جي حدن ۾ صبح سويري پوليس ۽ سي ٽي ڊي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو.
ان دوران دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ رٽائرڊ ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 3 اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آهن.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي چرپر تي نظر رکڻ لاءِ جديد ڊرون ۽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي.
آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 15 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو ۽ 10 جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.
ان کان سواءِ آپريشن دوران 10 ڪلوگرام وزني ديسي ساخت بم پڻ هٿ آيو، جنهن کي موقعي تي ئي ناڪارا بڻايو ويو.
ٻئي پاسي آءِ جي خيبرپختونخواهه ذوالفقار حميد چيو آهي ته فتنه الخوارج ۽ امن دشمن عنصرن خلاف ڪارروائيون جاري رهنديون.
هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ فرنٽ لائن تي بيٺي آهي ۽ دشمن جي هر وار جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.