واشنگٽن/نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ڀارت جي چئن ڏينهن جي دوري دوران نئين دهليءَ ۾ وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات ڪئي آهي.
پرڏيهي وزير روبيو جي ترجمان موجب، ملاقات ۾ وچ اوڀرجي صورتحال تي ڳالهه ٻول ڪئي وئي.
ترجمان چيو ته ”آمريڪا ايران کي عالمي توانائي مارڪيٽ کي يرغمال بڻائڻ نه ڏيندو ۽ آمريڪي توانائي جون شيون ڀارت جي توانائي گهرجن کي پورو ڪرڻ ۽ ان کي مستحڪم ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿيون.“
واضح رهي ته روبيو ڇنڇر جي صبح ڪولڪتا پهتو، جتان هو نئين دهليءَ لاءِ روانو ٿيو. پنهنجي دوري دوران هو جئپور ۽ آگري جو دورو پڻ ڪندو.
آمريڪي اختيارين موجب، ملاقات ۾ روبيو وزيراعظم مودي کي وائيٽ هائوس جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني، ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
واضح رهي ته هي دورو اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن ٻئي ملڪ پنهنجن اقتصادي لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ايران جنگ کانپوءِ پيدا ٿيل عالمي توانائي جو بحران ڀارت کي پڻ سخت متاثر ڪري رهيو آهي.
ياد رهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جو ڀارتي دورو اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن نئين دهلي ۽ واشنگٽن وچ ۾ واپاري معاهدي ۽ گذريل سال ڀارت-پاڪستان جنگ بندي بابت تڪراري دعوائن سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ بار بار دعويٰ ڪري چڪو آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فوجي ويڙهه سندس ٽياڪڙي سان ختم ٿي، جڏهن ته ڀارت ان دعويٰ جي مسلسل ترديد ڪئي آهي ۽ پنهنجي پاليسي موجب واضح ڪيو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي ٻن ائٽمي طاقتن جي وچ ۾ ڪنهن ٽئين ڌر جي ٽياڪڙي قبول ناهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير جي ڀارتي وزيراعظم سان ملاقات، ”ايران کي عالمي توانائي مارڪيٽ کي يرغمال بڻائڻ نه ڏينداسين“
You might also like