اسلام آباد ( خاص عيوضي) پاڪستان جي ناميارن صحافين چيو آھي ته ملڪ ۾ جمھوريت ۽ جمھوري حڪومت آھي پر صحافت آزاد ناھي ، حڪومت جي سخت گير پاليسين ڪري پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سخت معاشي دٻاءُ ھيٺ آھي ميڊيا سان لاڳاپيل سوين صحافي بي روزگار ٿي رھيا آھن بلوچستان سميت سموري ملڪ ۾ ميڊيا جو شٽ ڊائون ٿي رھيو آھي ،ملڪ ۾ سياسي آزادي ، عورتن ۽ انساني حقن جو تحفظ ميڊيا جي آزادي سان جڙيل آھي سماج جي سمورن طبقن کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا بچائڻ لاءِ اڳتي اچڻ گھرجي اھڙن خيالن جو اظهار ھنن ڪالھ ملڪ جي گادي واري شھر اسلام آباد ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پاران ٿيل پاڪستان جرنلسٽس ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو ڪنوينشن ۾ ملڪ جي چئني اڪائين مان صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ، پي ايف يو جي مرڪزي صدر افضل بٽ چيو ته اسان جي ھن تنظيم جمھوريت ، آئين جي بالادستي ۽ اظھار راءِ جي آزادي لاءِ ھر آمر سان ويڙهاند ڪئي آھي ضياءَ الحق جي مارشلا جي قھري دور ۾ جن ساٿين ڪوڙا کاڌا جيل ڪاٽيا انھن مان اڄ به اسان وچم ناصر زيدي جھڙو عظيم ڪردار اسٽيج تي موجود آهي ، ھن واضع ڪيو ته اظھار راءِ جي آزادي تي ماٺ ٿي نه ويھنداسين ، معاشي ناڪا بندي ڪري اسان جا سوين ساٿي بي روزگار ڪيا ويا آھن ،اسان انھن جي گھرن جي چلھ وسائڻ واري عمل کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين ، پي ايف يو جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ارشد انصاري چيو ته جيڪڏھن صحافت ڪمزور ٿي ته ان سان جمھوريت ڪمزور ٿيندي. نامياري صحافي وسعت الله خان چيو ته حڪمران سدائين سڀ خراب فيصلا سٺي نيت ڏسي ڪندا آھن ھن چيو ته پاڪستان اندر ايڊيٽر ناياب نسل جيان ٿي ويو آهي ان اداري کي بچائڻ گھرجي ھن نوجوان نسل جي نمائندگي ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا دراصل متبادل ميڊيا طور سامھون آئي آهي ان کان ڊڄڻ بجاءِ نئين نسل کي سنڀالي تربيت ڏيڻ گھرجي. ناصر زيدي اسٽيبلشمينٽ تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اسان حڪومت جي ميڊيا مخالف پيڪا جھڙي ڪاري قانون کي قبول نه ڪنداسين. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ھر دور جي آمر ۽ آمريت جي رستا روڪ ڪئي آھي ھاڻ ته حالتون ايتريون خراب آھن جو بلوچ اڳواڻ اختر مينگل جھڙو سياستدان نه ٿو ڇپجي، چينل خاموش آھن پر ھو ڪراچي پريس ڪلب کي ميوٽ نه ٿا ڪري سگھن. ڪوئٽا پريس ڪلب جي صدر عرفان سعيد چيو ته بلوچستان ۾ ميڊيا شٽ ڊائون ٿيل آھي اڳم بلوچستان جون خبرون روڪيون وينديون ھيون پر ويجھي ماضيءَ ۾ ڪوئٽا پريس ڪلب کي تالا ھنيا ويا مزاحمت ڪئي سين ته ڪلب جا در کليا ۽ حڪومت معافي وٺڻ تي مجبور ٿي ،حيدرآبادپريس ڪلب جي اڳوڻي صدر خالد کوکر چيو ته ماضي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب تي ٻه دفعا خطرناڪ حملا ٿيا ھو دٻاءُ وڌائي لکڻ سوچڻ ۽ ڳالھائڻ تي بندش وجھڻ چاھين ٿا پر اسين ان جبر خلاف ٿي بيٺا آھيون نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي نائب صدر احتشام الحق چيو ته اسان کي اظھار راءِ جي آزادي تي بندشون قبول ناھن ، سکر پريس ڪلب جي صدر خالد ٻانڀڻ چيو ته سکر اسان جا ساٿي شهادتون ماڻي رھيا آھن سخت بندشن ھوندي اسين پنھنجا صحافتي فرض نڀائيندا رھندا سين ڪنوينشن کي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر محمد وسيم خان ، سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر جاويد جتوئي ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي صدر طاھر حسن خان، پنجاب يونين آف جرنلسٽس جي سيڪريٽري جنرل قمر ڀٽي ،راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر آصف بشير چوڌري،فيصل آباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر حامد ياسين ، بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جي صدر منظور ،گوجرانوالا يونين آف جرنلسٽس جي صدر چوڌري ياسر ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.