ايران کي سخت نقصان ڏنو، ٻيو ڪو رستو نه هو: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران کي سخت نقصان پهچايو ويو، اسان وٽ ٻيو ڪو به رستو نه هو، ايران سان اهو ئي ڪيو ويو جيڪو وينزويلا سان ڪيو ويو هو.

وائيٽ هائوس ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر چيو ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هجڻ گهرجن.

ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران معاهدو ڪرڻ لاءِ بيقرار آهي ۽ اسان وٽ دنيا جي سڀ کان وڏي فوج موجود آهي.

آمريڪي صدر چيو ته هو مهانگائي کي روڪڻ چاهي ٿو ۽ اقتصادي ترقي جو مطلب مهانگائي نه هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.