ٽئين شادي جي آڇ! مومنا اقبال اين سي سي آءِ کي ڊجيٽل ثبوت فراهم ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اداڪارا مومنا اقبال پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پنجاب اسيمبلي ميمبر ثاقب چڍر خلاف هراساني جي شڪايت تي قومي سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي کي باضابطا طور تي ڊجيٽل ثبوت فراهم ڪري ڇڏيا آهن. سوشل ميڊيا تي اداڪارا جي عوامي اپيل کان پوءِ ايجنسي پاران باقاعده جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي.

اداڪارا جي وڪيل طرفان قومي سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي کي پيش ڪيل تفصيلن موجب اهو تڪرار هڪ پراڻي ذاتي معاملي سان جڙيل آهي. دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايم پي اي ثاقب چڍر 2022 ۾ اداڪارا کي پنهنجي ٽئين زال بڻجڻ لاءِ شادي جو باضابطه پيغام موڪليو هو. اسيمبلي ميمبر جي شادي شدا حيثيت خبر پوڻ تي اداڪارا رابطو ختم ڪري ڇڏيو.

پر الزام آهي ته هراساني جو سلسلو تڏهن شروع ٿيو جڏهن اداڪارا جي ڪنهن ٻئي سان مڱڻي جو اعلان ٿيو.

اداڪارا جي وڪيل پاران چيٽ هسٽري، ڊجيٽل رڪارڊ ۽ مبينا ڌمڪي وارا پيغام جاچ اختيارين حوالي ڪيا ويا آهن.

مومنا اقبال ڪيترن ڪلاڪن تائين پنهنجو بيان جاچ اختيارين کي رڪارڊ ڪرايو، جڏهن ته ايم پي اي ثاقب چڍر به قومي سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي ۾ پيش ٿيو.

ايجنسي جي جاچ ٽيم ثبوتن جو جائزو وٺي رهي آهي. جيڪڏهن ڌمڪين ۽ سائبر هراساني جا الزام ثابت ٿيا ته معاملو فوجداري ڪارروائي لاءِ پوليس ڏانهن موڪليو ويندو.

اداڪارا مومنا اقبال سوشل ميڊيا تي بيانن ۾ چيو ته کيس ۽ سندس گهرڀاتين کي حڪمران پارٽي جي هڪ اسيمبلي ميمبر طرفان ڊگهي عرصي کان آن لائن هراساني ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ملنديون رهيون آهن.

بيان ۾ چيو ويو ته ملزم جي سياسي اثر رسوخ سبب اڳ ۾ وفاقي تحقيقاتي اداري، پنجاب پوليس ۽ سائبر ڪرائم ايجنسي سندن درخواستن تي ڌيان نه ڏنو، پر سوشل ميڊيا تي پوسٽون وائرل ٿيڻ کان پوءِ معاملي تي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.