اسرائيل کي ايراني حملن کان بچائڻ لاءِ اسرائيل کان وڌيڪ ميزائل آمريڪا فائر ڪيا: آمريڪي اخبار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ايران سان تازي جنگ دوران اسرائيل جي بچاءَ لاءِ آمريڪا پنهنجي ”ٿاڊ“ ميزائل مخالف نظام جا اڌ کان وڌيڪ روڪيندڙ ميزائل استعمال ڪري ڇڏيا.

آمريڪي اخبار موجب آمريڪا اسرائيل ڏانهن ايندڙ ميزائلن کي تباهه ڪرڻ لاءِ ٻه سئو کان وڌيڪ ”ٿاڊ“ روڪيندڙ ميزائل استعمال ڪيا. ان کانسواءِ هڪ سئو کان وڌيڪ ”ايس ايم ٽي“ ۽ ”ايس ايم ڇهه“ روڪيندڙ ميزائل به فائر ڪيا ويا.

رپورٽ ۾ بچاءَ واري کاتي جي انگن اکرن حوالي سان ٻڌايو ويو ته اسرائيل پاڻ پنهنجي بچاءَ لاءِ هڪ سئو کان گهٽ ”ايرو“ روڪيندڙ ميزائل ۽ لڳ ڀڳ نوي ”ڊيوڊ سلنگ“ نظام جا ميزائل استعمال ڪيا.

رپورٽ موجب گڏيل طور آمريڪا اسرائيل جي بچاءَ لاءِ اسرائيلي فوج جي ڀيٽ ۾ گهڻي وڌيڪ انگ ۾ روڪيندڙ ميزائل استعمال ڪيا.

هڪ آمريڪي عملدار آمريڪي اخبار کي ٻڌايو ته جيڪڏهن ايران سان ٻيهر جنگ شروع ٿي ته آمريڪا کي اسرائيل جي بچاءَ لاءِ وڌيڪ روڪيندڙ ميزائل استعمال ڪرڻا پئجي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته اسرائيل پنهنجا ڪجهه ميزائل بچاءَ نظامن کي مرمت لاءِ موڪلي ڇڏيو آهي.

رپورٽ ۾ هڪ آمريڪي عملدار جي حوالي سان چيو ويو ته ” اسرائيل پنهنجي زور تي جنگ وڙهڻ ۽ کٽڻ جي مڪمل سگهه نٿو رکي، پر عام طور ماڻهو هن پهلو تي ڌيان نٿا ڏين“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.