وڏي عيد جون وڏيون موڪلون، سنڌ حڪومت اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ ۾ سرڪاري طور عيدالاضحيٰ جي چئن ڏينهن وارين موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سنڌ حڪومت پاران ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

ان نوٽيفڪيشن موجب عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڇويهه مئي کان اوڻٽيهه مئي تائين موڪلون هونديون.

واضح رهي ته وفاقي حڪومت پاران عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ٽن ڏينهن وارين موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيڪي ڇويهه مئي کان اوڻٽيهه مئي تائين هونديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.