ڪراچي پوليس پنڪي ڪيس ۾ ايف آءِ اي کان مدد گهري ورتي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ منشيات ڪيسن ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي واري ڪيس ۾ اڳڀرائي طور ڪراچي پوليس مني لانڊرنگ ۽ سائبر ڏوهن جي جاچ لاءِ وفاقي جاچ اداري کان مدد گهري ورتي آهي.

ان حوالي سان ڏکڻ ڪراچي جي پوليس جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل اسد رضا وفاقي جاچ اداري ڏانهن خط موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن موجب جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته پنڪي جا ساٿي بئنڪ اڪائونٽن وسيلي پئسن جي ڏيتي ليتي ڪندا هئا.

ڏکڻ ڪراچي جي پوليس جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل جي خط موجب جوابدارياڻي پنڪي جا ساٿي مختلف بئنڪ اڪائونٽن ۾ پئسا وصول ڪندا هئا، جڏهن ته جوابدارن تي منشيات جي واپار ۽ مالي ڏيتي ليتي ۾ ملوث هجڻ جو شڪ آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس ۾ سائبر ۽ بئنڪنگ ڏيتي ليتي شامل هجڻ سبب وفاقي جاچ اداري جي فني مدد فراهم ڪئي وڃي، جڏهن ته بئنڪنگ ڏيتي ليتي جي جاچ لاءِ وفاقي جاچ اداري جي آفيسرن جي مقرري جي به درخواست ڪئي وئي آهي.

ڏکڻ ڪراچي جي پوليس جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل جي خط ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارياڻي پنڪي خلاف ڪراچي جي گارڊن ۽ بغدادي ٿاڻن ۾ ٽي ڪيس داخل آهن، جڏهن ته پنڪي خلاف منشيات، ناجائز هٿيارن ۽ قتل جا ڪيس جاچ هيٺ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.