تهران(ويب ڊيسڪ)گهرو وزير محسن نقوي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪري علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ آمريڪا سان جنگ جي پڄاڻي بابت معاملن تي تفصيلي خيال ونڊيو.
خابرو اداري موجب گهرو وزير محسن نقوي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪري ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ جي پڄاڻي لاءِ تيار ڪيل مسودن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون.
ايراني خابرو اداري جو چوڻ آهي ته ٻنهي شخصيتن امن قائم ڪرڻ جي طريقيڪار تي غور ڪيو.
ٻئي پاسي سفارتي ذريعن موجب گهرو وزير محسن نقوي اڄ به تهران ۾ ئي رهندو، جڏهن ته محسن نقوي آمريڪا ۽ ايران ڳالهين بابت اهم ملاقاتون جاري رکيو پيو اچي.