اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان سمورن ڪشميري سياسي قيدين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪري ٿو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر حسين اندراني چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي جا پنجهتر سال مڪمل ٿيڻ تي سرڪاري سطح تي تقريبون ڪوٺايون ويون، ٻنهي ملڪن گذريل پجنهتر سالن دوران هر ڏکي گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. واپار، صنعت، تعليم ۽ عوامي لاڳاپن ۾ گڏيل ڀائيواري موجود آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب وزيراعظم شهباز شريف ٽيويهه مئي کان ڇويهه مئي تائين چين جو دورو ڪري رهيو آهي، هي دورو پاڪستان ۽ چين جي هر موسم واري حڪمتِ عملي ڀائيواري جي نئين سر واڌ ۽ وڌيڪ مضبوطي جو سبب بڻجندو.
هن چيو ته وزيراعظم پاڪ چين واپاري گڏجاڻي جي صدارت به ڪندو، جڏهن ته هو بيجنگ ۾ آجياڻي واري تقريب ۾ به شرڪت ڪندو. وزيراعظم جون چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقاتون به طئي ٿيل آهن.
آمريڪا ۽ ايران ڳالهين بابت پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته گهرو وزير محسن نقوي ايران جا ٻه دورا ڪيا، جتي ايراني قيادت سان اهم ملاقاتون ٿيون، جن ۾ پاڪ ايران ٻه طرفن لاڳاپن ۽ سيڪيورٽي معاملن تي تفصيلي خيال ونڊيا ويا.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب سترهين مئي تي سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جي هوائي حدن ۾ بنا پائلٽ جهازن جي حملن جا واقعا پيش آيا، ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. پاڪستان انهن واقعن تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهڙا افسوسناڪ واقعا ٻيهر نه ٿيندا.
طاهر حسين اندرابي چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ انساني حقن لاءِ اٿندڙ آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم جي عالمي برادري شاهد آهي، ڪشميري اڳواڻن سان ٿيندڙ زيادتين جي مذمت ڪجي ٿي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پاڪستان تي بي بنياد الزام لڳائي ٿو، ڪلڀوشن ياديو وارو ڪيس ڀارت جي رياستي دهشتگردي جو چٽو ثبوت آهي، ڀارت ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد کي دهشتگردي قرار نٿو ڏئي سگهي.
هن چيو ته پاڪستان سمورن ڪشميري سياسي قيدين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪري ٿو، پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تحت پنهنجن حقن جي تحفظ لاءِ قانوني ۽ سفارتي ذريعا استعمال ڪندو رهندو، جڏهن ته ڀارت طرفان ثالثي عدالت جي فيصلي کي رد ڪرڻ جي ڪا قانوني يا سياسي حيثيت ناهي.
ترجمان موجب پاڪستان امن جي ڪوششن بابت مڪمل طور گڏيل ۽ هڪ صفحي تي آهي، ان حوالي سان قياس آراين کان پاسو ڪيو وڃي، امن جون ڪوششون قومي سطح جي گڏيل جدوجهد آهن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جون لازوال قربانيون دنيا اڳيان موجود آهن. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ عالمي سلامتي، هٿيارن جي ضابطي ۽ هٿيارن جي ڦهلاءُ روڪڻ بابت تفصيلي صلاح مشورا ٿيا، ٻنهي ملڪن عالمي فورمن تي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته ايندڙ اجلاس ٻه هزار ستاويهه ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندو.