چين جي ڳجهي نگراني؟ ايلون مسڪ جي پٺيان بيٺل ويٽريس بابت وڏو انڪشاف

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيجنگ واري دوري جي پڄاڻي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ هڪ نئون بحث اٿي پيو آهي.

هڪ چيني وڊيو ليکڪا جينيفر زينگ دعويٰ ڪئي آهي ته چيني حڪومت آمريڪي وفد ۽ اهم شخصيتن جي نگراني لاءِ ڳجها فوجي اهلڪار ويٽريس جي روپ ۾ مقرر ڪيا هئا.

چيني وڊيو ليکڪا موجب سرڪاري دعوتِ طعام دوران ايلون مسڪ جي پويان بيٺل هڪ عورت حقيقت ۾ چيني فوج جي اعليٰ آفيسر ”ميجر چينگ چينگ“ هئي.

جينيفر زينگ جي اها دعويٰ سماجي رابطن جي وسيلي تي باهه وانگر پکڙجي ويو آهي.

هن سماجي رابطن جي وسيلي تي ڪجهه تصويرون ونڊيندي چيو آهي ته اهي ئي عورتون پوءِ فوجي وردي ۾ به ڏٺيون ويون.

زينگ وڌيڪ دعويٰ ڪيو آهي ته ڄاڻايل عورت چيني فوجي تقريبن جي عملي هدايتنامي تيار ڪندڙ اهم آفيسر آهي.

سماجي رابطن جي وسيلي تي پکڙيل هڪ لکڻي ۾ هن ايتري تائين دعويٰ ڪئي آهي ته عورت جي ڳاڙهي لباس هيٺ شايد هٿيار به موجود هو.

انهن دعوائن جي آزاد نموني تصديق نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته چيني حڪومت به هن معاملي تي هيل تائين ڪو ردعمل ناهي ڏنو.

واضح رهي ته ماضي ۾ به چين تي اولهه وارن ملڪن طرفان ڳجهي نگراني ۽ جاسوسي جا الزام لڳندا رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.