ڪم ڪندئو ته ووٽ ملندو، پوءِ فارم 45 به اوهانجو ته 47 به اوهانجو: ناليوارو واپاري عارف حبيب

پاڪستان جي مشهور واپاري شخصيت عارف حبيب چيو آهي ته جيڪڏهن ڪم ڪندئو ته ووٽ به ملندو، پوءِ فارم پنجيتاليهه به اوهان جو هوندو ۽ فارم ستيتاليهه به اوهان جو هوندو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ڪراچي ۾ شاهراهه ڀٽو جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي ٿيل تقريب ۾ بلاول ڀٽو سان گڏ پارٽي اڳواڻن، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، عارف حبيب ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي عارف حبيب چيو ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ مالدار صوبو آهي، جتي سمنڊ، درياهه ۽ جبل موجود آهن.

عارف حبيب چيو ته خوشي آهي جو سنڌ حڪومت سرڪاري ۽ نجي ڀائيواري سان ڪم ڪري رهي آهي، شاهراهه ڀٽو منصوبي جو پهريون مرحلو مڪمل ڪيو ويو آهي، جيڪو تمام سٺو قدم آهي.

هن وڌيڪ چيو ته شاهراهه ڀٽو سبب شهر ۾ هيوي ٽريفڪ مان جند ڇُٽي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.