شاهراهه ڀُٽو جو افتتاح: سنڌ جيتري جمهوريت ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ناهي: بلاول

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ جيتري جمهوريت سنڌ ۾ آهي، اوتري ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ناهي، ۽ جيتري جمهوريت ڪراچي ۾ آهي، اوتري ڪنهن ٻئي شهر ۾ ناهي.

بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ شاهراهه ڀٽو جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته مان سياست ۾ ان لاءِ آيو آهيان ته شهيد بينظير ڀٽو جا اڌورا خواب پورا ڪريان، شهيد بينظير کي ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻو هو، پر کيس شهيد ڪيو ويو.

هن چيو ته جنوري ٢٠٢٥ع ۾ منصوبي جي پهرين مرحلي جو افتتاح ڪيو هو، اڄ منصوبي جي پهرين مرحلي کي مڪمل ڪري ڏيکاريو آهي.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته سڄي پاڪستان مان ماڻهو ڪراچي اچڻ چاهين ٿا، اسان سڀني کي چوندا آهيون ته ڪراچي اچو ۽ هتي ڪم ڪريو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مفت علاج جي سهولت پهرين ڪراچي جي ماڻهن، پوءِ سنڌ ۽ سڄي پاڪستان لاءِ آهي. قومي دل جي بيمارين واري اداري جي حالت اڳ ڇا هئي ۽ ارڙهين آئيني ترميم کان پوءِ ڇا بڻجي وئي.

هن چيو ته سنڌ ۾ سرڪاري ۽ نجي ڀائيواري سان بندرگاهه ٺاهينداسين، ڪيٽي بندر وارو منصوبو شايد دنيا جو پهريون منصوبو هوندو.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته سنڌ عالمي مالي مرڪز قائم ڪري ڏيکارينداسين.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته علائقي ۾ جنگ جو بار غريب ماڻهو کڻي رهيا آهن. ماڻهو بجلي ۽ گيس جي بلن ۾ هن جنگ جو بار ڀوڳي رهيا آهن. علائقي ۾ امن ٿيندو ته معاشي ڏکيائون گهٽ ٿينديون، جيڪڏهن جنگ ختم نه ٿي ته معاشي حالتون وڌيڪ ڳنڀير ٿي وينديون.

هن چيو ته ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ ۽ روزگار مهيا ڪرڻ شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو. ماڻهن تي بار نه وجهنداسين، واپاري طبقي سان گڏجي وڏا منصوبا مڪمل ڪنداسين.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مئي واري جنگ ۾ ڀارت کي پاڪستان عبرتناڪ شڪست ڏني. پاڪستان جي دفاعي پيداوار جي گهرج ۾ تاريخي واڌارو ٿيو آهي. اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ دفاعي پيداوار ۾ ڪراچي به پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

هن اهو به چيو ته دنيا جا ڪيترائي ملڪ جنگ ۾ آزمايل دفاعي سامان خريد ڪرڻ چاهين ٿا ۽ مختلف ملڪ پاڪستان کان دفاعي سامان خريد ڪرڻ جا خواهشمند آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.