ماسڪو(ويب ڊيسڪ)روس چيو آهي ته ايران جي نيوڪلئر ذخيرن بابت فيصلو رڳو ايران کي ڪرڻ گهرجي.
روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ايران جو معاملو رڳو ايران جي مفادن کي نظر ۾ رکندي سفارتي چينلز ذريعي ئي حل ٿي سگهي ٿو.
روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته سڙيل يورينيم بابت ممڪن حل تي عمل درآمد لاءِ تهران ۽ واشنگٽن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهن.