هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته هوا جي گدلاڻ گردن جي خطرناڪ بيمارين جو خطرو وڌائي ٿي.
تحقيق موجب خراب هوا جو معيار گردن جي بيماري، اوچتو گردن جي ناڪامي ۽ گردن جي فيل ٿيڻ سبب اسپتال ۾ داخل ٿيڻ سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهي.
هي تحقيق 2011 کان 2021 تائين برازيل جي شهر سائو پالو ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ 37 هزار ماڻهن جو ڊيٽا شامل هو.
نتيجن موجب 19 کان 50 سال وارن ماڻهن ۾ گردن جي بيماري جو خطرو نمايان طور وڌيو، جڏهن ته 51 کان 75 سالن وارن ماڻهن ۾ اهو خطرو 2.5 ڀيرا وڌيڪ مليو.
مردن ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو خطرو عورتن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي، جڏهن ته عورتن ۾ اهو رجحاڻ واضح نه رهيو.
تحقيق جي پروفيسر لوسيا آندراڊي موجب هوا ۾ موجود پارٽيڪوليٽ ميٽر رت ۾ داخل ٿي گردن جي ٽشوز ۾ گڏ ٿي سگهن ٿا، جنهن کي مدافعتي نظام غير ملڪي جسم سمجهي ردعمل ڏي ٿو. انهي سبب سوڄ، فائبر ۽ وقت کان اڳ عمر وڌڻ جا اثر پيدا ٿين ٿا.
هي بيماري گهڻو ڪري بنا ڪنهن علامت جي وڌندي آهي ۽ مريض تيستائين تائين اڻڄاڻ رهندا آهن جيستائين گردا ناڪامي جي ويجهو نه پهچي وڃن.
تحقيق دوران هوا جي گدلاڻ عالمي صحت اداري جي مقرر ڪيل حد کان ٽي ڀيرا وڌيڪ هئي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته گهٽ سطح جي گدلاڻ پڻ گردن جي بيمارين جي خطري سان لاڳاپيل آهي.
تحقيق جي سربراهه ڊاڪٽر ايارا ڊا سلوا چيو ته نتيجا ظاهر ڪن ٿا ته عالمي صحت اداري جي مقرر ڪيل حد اندر به گردن جي بيمارين سبب اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو ڳانڍاپو مليو آهي. ان ڪري هوا جي گدلاڻ کي گهٽائڻ لاءِ پاليسين کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي ضرورت آهي.