ممبئي(ويب ڊيسڪ)نامور ڀارتي اداڪار سلمان خان جي تازي ”لونلي“ پوسٽ سوشل ميڊيا تي ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو هو، پر اداڪار پنهنجي نئين پوسٽ ۾ وضاحت ڪندي چيو آهي ته مان پنهنجي جذبات بابت نه ڳالهائي رهيو هئس، بس ٿورو وقت اڪيلائي ۾ گذارڻ چاهيان ٿو.
پراڻي پوسٽ تي مداحن جي پريشان ٿيڻ تي سلمان خان پنهنجي نئين پوسٽ ۾ لکيو آهي ته مان ڪيئن اڪيلو ٿي سگهان ٿو جڏهن مون وٽ وڏو خاندان، دوست ۽ مداح موجود آهن.
هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي وچ ۾ رهندي انسان ٿڪجي وڃي ٿو، انهيءَ ڪري ’مي ٽائم‘ ضروري هوندو آهي.
اداڪار مزاحيه انداز ۾ ٻڌايو ته منهنجي اداس پوسٽ ڏسي ماءُ به پڇي پئي ته ’ڇا ٿيو پُٽ؟‘
واضح رهي ته ان کان اڳ سلمان خان هڪ تصوير شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ هو هلڪي روشني واري ڪمري ۾ صوفي تي ليٽل نظر آيو، تصوير سان گڏ هن تنهائي ۽ اڪيلائي جي فرق بابت ڳالهه ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ مداحن مختلف اندازا لڳائڻ شروع ڪيا هئا.