هراساني واقعن تي ڳڻتي: ڪنگنا جو ڪنواري عورتن کي اهم مشورو

بالي ووڊ اداڪارا ۽ سياستدان ڪنگنا رناوت تازن گهريلو هراساني ۽ ڏاج جي واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي نوجوان عورتن کي شادي کان اڳ مالي خودمختياري ۽ ڪيريئر تي ڌيان ڏيڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.

ڪنگنا رناوت پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو ته ڀارتي سماج ۾ شادي کانپوءِ گهڻي قدر ڌيئرن کي اڪيلي ڇڏي ڏنو ويندو آهي، انهي ڪري عورتن لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي زندگي ۾ سڀ کان پهريان پاڻ کي مضبوط ۽ خودمختيار بڻائين.

اداڪارا چيو ته توهان جو ڪيريئر توهان جي زندگي ۾ هر ٻئي رشتي کان وڌيڪ اهم آهي، شادي بابت تڏهن سوچيو جڏهن توهان مالي طور تي پاڻ کي خودمختيار محسوس ڪريو.

ڪنگنا لکيو ته پنهنجي زندگي پنهنجي طريقي سان ٺاهڻ وڌيڪ ضروري آهي، نه رڳو ان ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ ته توهان ڪنهن سان شادي ڪري رهيا آهيو.

هن عورتن کي مشورو ڏنو ته هو ٻين جي ڳالهين ۾ نه اچي، پر پنهنجي مرضي ۽ خوابن مطابق زندگي گذارين.

اداڪارا جو هي بيان ڀارت ۾ تازن مبينه ڏاج ۽ ذهني هراساني جي افسوسناڪ ڪيسن کان پوءِ سامهون آيو آهي.

واضح رهي ته ڪنگنا رناوت تازو ئي فلم ايمرجنسي ۾ نظر آئي، جڏهن ته سندس نئين فلم 12 جون تي رليز ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.