ريپلاءِ ڪرڻ بنا ئي تاثر پهچندو! واٽس ايپ ۾ انوکي فيچر جي واڌ

واٽس ايپ هڪ دلچسپ فيچر متعارف ڪرائڻ وارو آهي.

هن فيچر تحت واهپيدارن مييسجز تي ايموجيز سان گڏ اسٽيڪرز ذريعي به ردعمل ڏيئي سگهندا.

هي فيچر اڃان اينڊرائيڊ ڊيوائيسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا (beta) ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.

واٽس ايپ ۾ ڪنهن چيٽ ميسيج تي ري ايڪشن جو فيچر ڪافي عرصي کان واهپيدارن لاءِ موجود آهي.

هاڻي ڪنهن ميسيج کي دٻايو ته ايموجيز جي لسٽ مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪري سگهجي ٿي.

هي فيچر گهڻو مشهور آهي ڇو ته ان سان واهپيدار ڪنهن ميسيج تي الڳ ريپلاءِ ڪرڻ بدران فوري ردعمل ڏئي سگهن ٿا.

پر ڪڏهن ڪڏهن ايموجيز سان ڪنهن فرد جي احساسن جو صحيح اظهار ممڪن ناهي ٿيندو.

گهڻا واهپيدار وڌيڪ تخليقي يا جذباتي انداز ۾ ردعمل ڏيکارڻ چاهين ٿا، تنهنڪري واٽس ايپ ان لاءِ اسٽيڪر ري ايڪشنز جو فيچر شامل ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.