فرانس آبناءِ هرمز ۾ جهاز هلائڻ جي آزادي لاءِ عالمي مشن ۾ نيٽو جو ڪردار ادا ڪرڻ جو خيال رد ڪري ڇڏيو آهي.
فرانسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته فرانس جو موقف صاف ۽ مستقل آهي، ۽ اتر بحر اوقيانوس جو معاهدو رڳو اتر بحر اوقيانوس جي علائقن تي لاڳو ٿئي ٿو.
ترجمان وڌيڪ چيو ته وچ اوڀر ۽ آبناءِ هرمز تي ڌيان ڏيڻ نه ته نيٽو جو ڪم آهي ۽ نه ئي حقيقت ۾ نيٽو لاءِ صحيح آهي.
ٻئي طرف ايران آبناءِ هرمز تي نئين انتظامي نظام جو اعلان ڪيو آهي ۽ اماراتي رياست فجيرا تائين نگراني زون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کي گڏيل عرب امارتن رد ڪندي چيو آهي ته بحري خودمختياري تي ڪو به سمجھوتو نه ٿيندو.