ملڪ ۾ 1153 عدالتون غير فعال آهن: جسٽس اينڊ لا ڪميشن

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)لا اينڊ جسٽس ڪميشن سڄي ملڪ ۾ ماتحت عدليه جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن.

دستاويزن موجب ملڪ جي ضلعي عدليه ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ 20 لک کان وڌي ويو آهي.

دستاويز ۾ اهو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي ته سڄي ملڪ جي ضلعي عدليه ۾ 1153 عدالتون جج جي غير مقرري سبب غير فعال آهن. پنجاب ۾ 808، سنڌ ۾ 89، بلوچستان ۾ 78، خيبر پختونخوا ۾ 149، ۽ اسلام آباد ۾ 29 عدالتون جج جون منتظر آهن.

پنجاب ۾ 648 فيملي ۽ سول ججن جون اساميون خالي آهن، جڏهن ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي هيٺ 126 سول ۽ فيملي عدالتون جج نه هجڻ سبب غير فعال آهن. سنڌ ۾ سول ۽ فيملي ججن جون 70 اساميون، ۽ بلوچستان ۾ 58 اساميون مقرري جي منتظر آهن. اسلام آباد ۾ 13 سول ۽ فيملي عدالتون ججن جي غير موجودگي سبب غير فعال آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.