ايران-آمريڪا ڳالهين جي ڪوشش: محسن نقوي 24 ڪلاڪن ۾ ٻيو ڀيرو ايران پهتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي 24 ڪلاڪن اندر ٻيهر اهم دوري تي تهران پهچي ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته محسن نقوي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت ايراني قيادت سان ملاقاتون ڪندو.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به گهرو وزير محسن نقوي ايران جو دورو ڪيو هو، جتي هن ايراني صدر مسعود پزشڪيان، ڳالهين واري سربراهه محمد باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقاتون ڪيون هيون.

سفارتي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته محسن نقوي ايراني عملدارن سان ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳاپن ۽ وچ اوڀر جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي.

محسن نقوي ايران مان سڌو بلوچستان پهتو هو، جتي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.