روس ۽ چين کي هڪ طرفي غنڊاگردي ۽ تاريخ کي مسخ ڪرڻ واري قدمن جي مخالفت ڪرڻ گهرجي: چيني صدر شي جن پنگ

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چيني صدر شي جن پنگ ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن وچ ۾ چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي چيني صدر چيو ته دنيا ٻيهر ”جهنگ جي قانون“ ڏانهن موٽڻ جي خطري کي منهن ڏئي رهي آهي.

شي جن پنگ چيو ته روس ۽ چين کي هر قسم جي يڪطرفي غنڊاگردي ۽ تاريخ کي مٽائڻ وارين ڪوششن جي مخالفت ڪرڻ گهرجي۔ هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار کي روڪڻ ضروري آهي، جڏهن ته موجوده حالتن ۾ ڳالهيون ۽ سفارتي مذاڪرات خاص اهميت رکن ٿا.

هوڏانهن روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو ته روس ۽ چين آزاد پرڏيهي پاليسي تي قائم آهن ۽ ٻئي ملڪ عالمي سطح تي استحڪام برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

پيوٽن وڌيڪ چيو ته روس ۽ چين وچ ۾ لڳ ڀڳ سمورو واپاري ڏيتي ليتي روسي ۽ چيني ڪرنسي ۾ ٿي رهيو آهي، جڏهن ته روس چين کي توانائي جي فراهمي جاري رکڻ لاءِ به تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.