اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجيٽ ٽياڪڙي لاءِ پاڪستان ۾ موجود آءِ ايم ايم وفد جي دوري ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ٿي وئي آهي.
رپورٽ موجب حڪومت ۽ آءِ ايم ايف ۾ مختلف ڳالهين تي اتفاق ٿي ويو آهي، ڪجهه نقطن تي وڌيڪ ڳالهيون جاري آهن.
رپورٽ موجب آءِ ايم ايف پيٽروليم ليوي هدف تي 18 سيڪڙو واڌ جي سفارش ڪئي آهي، هن وقت پيٽرول تي في ليٽر ليوي 108 رپيا 17 پيسا مقرر آهي.
آءِ ايم ايف صوبن کي واڌو 430 ارب رپيا ريوينيو گڏ ڪرڻ جو هدف ڏئي ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف پاران صوبن کان وفاق کي اٽڪل 2 ٽريلين رپيا سرپلس ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
رپورٽ موجب ايف بي آر لاءِ ايندڙ مالي سال 15264 ارب رپيا ٽيڪس وصولي جو هدف مقرر آهي، ڊسمبر 2026 تائين ايف بي آر جو ڇهون هدف 7022 ارب رپيا مقرر آهي.
رپورٽ موجب ايندڙ سال پاڪستان جي ٻاهرين مالي ضرورتون 21.2 ارب ڊالر رهڻ جو تخمينو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کي 430 ارب رپين جي نئين ٽيڪس جي تجويز ڏني آهي، ايندڙ مالي سال ۾ معاشي شرح 3.5 سيڪڙو رهڻ جو تخمينو آهي جڏهن ته مهانگائي 8.4 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام(بي آءِ ايس پي) جي رقم 14500 مان وڌائي 18000 رپين ڪرڻ جي عارضي طور تي اتفاق ٿيو آهي.
ذريعن موجب صوبائي آمدن ايندڙ مالي سال ۾ 1950 ارب رپين تائين پهچڻ جو امڪان آهي، آءِ ايم ايف وفد بجيٽ تجويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي، گيس ۽ بجلي ۾ واڌ سال ۾ 2 ڀيرا وڌائڻ جي شرط برقرار آهي.
ذريعن موجب اسپيشل اڪنامڪ زونز لاءِ نئين ٽيڪس ڇوٽ نه ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي، خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالوجي زونز جي مراعات 2035 تائين مرحليوار ختم ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي.