سلهٽ ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي ٻي اننگز ۾ بيٽنگ جاري آهي ۽ قومي ٽيم کٽڻ لاءِ 437 رنز جي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ آهي.
رپورٽ موجب 437 رنز جي هدف پٺيان پاڪستان چوٿين ڏينهن ميچ جي پڄاڻي تي 7 وڪيٽن تي 316 رنز ٺاهي ورتيون. محمد رضوان 75 ۽ ساجد خان 8 ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان کي سوڀ لاءِ 121 رنز ۽ بنگلاديش کي 3 وڪيٽون گهرُجن.
ان کان اڳ اڄ چوٿين ڏينهن جي شروعات پاڪستاني اوپنر اذان اويس ۽ عبدالله فضل ڪئي پر 27 مجموعي اسڪور تي عبدالله فضل 6 رنز ٺاهي سگهيو جڏهن ته اذان اويس به 41 مجموعي اسڪور تي 21 رنز ٺاهي سگهيو.
رپورٽ موجب ٻن وڪيٽن جي نقصان کانپوءِ بابر اعظم ۽ شان مسعود سٺي پارٽنرشپ ڪئي، ان باوجود بابر اعظم 52 بالن تي 47 رنز ٺاهي سگهيو جڏهن ته شان مسعود 71 رنز ٺاهي سگهيو.
واضح رهي ته سلهٽ ٽيسٽ ۾ بنگلاديش پهرين اننگز ۾ 278 رنز ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان ٽيم 132 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو ۽ 46 رنز جي خساري ۾ رهيو. بنگلاديشي ٽيم ٻي اننگز ۾ 390 رنز ٺاهيون ۽ 46 رنز جي برتري سان پاڪستان کي سوڀ لاءِ 437 رنز جو هدف ڏنو آهي.