ماهرن پهريون ڀيرو بنا مرغي جي چوزي کي مصنوئي آني ذريعي پيدا ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب ان اڳڀرائي سان ماضي ۾ ناياب ٿيڻ واري 12 فٽ ڊگهي پکيءَ ”مووا“ کي ٻيهر واپس آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪمپني موجب هڪ ڪيپسول جي اندر زنده چوزن جي ٺهڻ جو عمل پورو ڪري سگهجي ٿو.هن ڪيپسول يا مصنوئي آني جي مٿان شيشو موجود هو جنهن سان ماهر اندر موجود چوزن جي واڌ ويجهه بابت ڪجهه هفتن تائين جائزو وٺي سگهن ٿا.
رپورٽ موجب آمريڪي ڪمپني مينيجر پاگي مڪنڪل ٻڌايو ته جڏهن مصنوئي آني مان چوزي کي ڪڍيو ويو ته اهو ڏاڍو حيران ڪندڙ تجربو هو. ماهرن موجب هن ٽيڪنالوجي جو بنيادي مقصد ناياب پکي مووا کي ٻيهر زندگي ڏيڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو. انهن پکين جو نسل 1380 ۽ 1445 جي وچ ۾ ناياب ٿي چڪو هو جڏهن ته هنن پکين جي آنن جو ڏيک عام آني کان 80 سيڪڙو وڏو ٻڌايو پيو وڃي.
مصنوعي آنن جي ٽيڪنالوجي سان انهن پکين جي وڏي حجم جي ٻچن جي واڌ ويجهه ممڪن ٿي سگهي ٿي.
ڪمپني موجب اهڙن ناياب پکين کي ٻيهر زندگي ڏيڻ لاءِ قديم جينوم ۽ ٻين خلياتي پراسيس جي رڳو ضرورت ناهي پر اهڙي سسٽم جي ضرورت آهي جتي انهن جي واڌ ويجهه ممڪن ٿي سگهي.
ماهرن موجب آنا ڏسڻ ۾ سادا هوندا آهن پر اندران منجهائيندڙ هوندا آهن ۽ پکين جي جينن جي واڌ ويجهه کي تحفظ فراهم ڪندا آهن.آنن جي کل ۾ هزارين ننڍا سوراخ هوندا آهن جنهن سان آڪسيجن پار ٿيندي آهي جڏهن ته ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ نمي خارج ٿيندي آهي.
رپورٽ موجب ماضيءَ ۾ به مصنوعي آنن جي تياري جي ڪوشش ڪئي وئي هئي پر آڪسيجن جي فراهمي ۾ ماهرن کي ڏکيائي پيش ٿي رهي هئي. پر هن نئين ٽيڪنالوجي ان مسئلي کي به حل ڪري ڇڏيو.