سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٽيون ڏينهن ٻن شاگرد تنظيمن ۾ جيڪو جهيڙو ٿيو، فائرنگ جو واقعو ٿيو جنهن ۾ شاگرد زخمي ٿيو ۽ ڇڪتاڻ وڌڻ کان پوءِ هاسٽل جي ٻن ڪمرن کي جيڪا باهه لڳي آهي تنهن شاگرد دوست حلقن ۾ ڳڻتي جي نئين لهر پيدا ڪري ڇڏي آهي.
اسان جو خيال اهو آهي ته شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙي جو ڪو جواز نه هئڻ گهرجي يا نه ڏيڻ گهرجي. شاگرد تنظيمن ۾ جواز نه هئڻ گهرجي يا نه ڏيڻ گهرجي. شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙن جي ذميوار بظاهر ڪهڙي به ڌر هجي پر اسان انهن جهيڙن کي ان سنڌي چوڻي تحت ڏسنداسين ته ”ڇري گدري تي ڪري يا گدرو ڇريءَ تي ڪري“ ڳالهه ساڳي آهي، نقصان ساڳيو آهي. ان ڪري شاگرد تنظيمن کي خاص ڪري انتهائي ذميواراڻي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. چوڻ وارا ته اهو به چوندا آهن يا تاثر ورتو ويندو آهي ته هڪ سازش تحت تعليمي ماحول خراب ڪيو وڃي ٿو. اها سازش يقينن تعليم دشمن ۽ سنڌ دشمن آهي تنهن ڪري ئي پاڻ سمجهون ٿا ته تعليمي ادارن ۾ اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائڻ جي پهرين قومي ذميواري يونيورسٽي جي شاگرد تنظيمن جي ئي آهي. اسان جي شاگرد تنظيمن کي جڏهن تاريخي طور معلوم آهي ته سنڌ دشمن طاقتنن کان سنڌي قوم جي تعليم ۽ ان تعليم سان سلهاڙيل ترقي ۽ خوشحالي هضم ناهي ٿيڻي ته ان روشني ۾ احساس ذميواري وڌيڪ محسوس ڪرڻ گهرجي.
هونئن ته يونيورسٽين اندر ڪنهن به قسم جي جهيڙي ۽ فائرنگ جي روڪٿام جي جي اصولي ذميواري يونيورسٽي انتظاميا جي ئي هوندي آهي پر سنڌ جي جيڪا سياسي تاريخ رهي آهي تنهن اهو واضح ڪري ڏيکاريو آهي ته سنڌ جو امن، تعليم ۽ ترقي سنڌ دشمنن جي اکين ۾ ڪنڊو رهيو آهي تنهن ڪري اهي سنڌ دشمن طاقتون هر لحاظ کان تعليم کي هاڃو رسائڻ چاهينديون آهن ۽ ان ڪوشش ۾ شاگرد تنظيمن ۾ سازشي ماڻهو داخل آهي ڪرائي جهيڙن، فسادن ۽ بدامني جو ماحول برپا ڪيو ويندو تنهن ڪري شاگرد تنظيمن کي سنڌ جي مجموعي مفاد ۾ اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائڻ جي حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي.
ان سلسلي ۾ اسان به شاگرد تنظيمن کي ڪجهه صلاحون ڏئي سگهون ٿا مثال طور شاگرد تنظيمن کي پاڻ ۾ هر مهيني هڪ گڏجاڻي ڪرڻ گهرجي ۽ ڪن بنيادي نُڪتن تي معاهدو ڪرڻ گهرجي. انهن بنيادي نڪتن ۾ هر قيمت تي تعليم کي اوليت ڏيڻ، اها متاثر ٿيڻ نه ڏيڻ، جهيڙن ۽ جهڳڙن لاءِ يونيورسٽين کي نوگو ايريا بڻائڻ، هٿيارن کان يونيورسٽين ۽ هاسٽلن کي پاڪ رکڻ ۽ شاگرد تنظيمن ۾ غنڊا گردي کي بلڪل به برداشت نه ڪرڻ هجي. اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن شاگرد تنظيمن پاڻ ۾ اهڙو اتحاد قائم ڪيو، معاهدو ڪيو ته اهو عمل به سنڌ جي تعليم دشمن طاقتن کان هضم نه ٿيندو ۽ انهيءَ ڀائيچاري کي ختم ڪرڻ لاءِ به سازشون ڪيون وينديون ۽ شاگردن کي پاڻ ۾ ويڙهايو ويندو. اها يقينن سنڌ جي تعليم ۽ نئين نسل جي بدنصيبي آهي ته تاريخي طور هتي سنڌ جو نالو وٺڻ ڪاري هر نانگ تي پير رکڻ هجي ٿو پر انهيءَ پس منظر ۾ سياسي شعور کي اڳتي اچڻو پوندو. جيئن چوندا آهن ته هر آمريت جو خاتمو جمهوريت ۾ هوندو آهي تيئن شاگرد دشمن سازشن جي روڪٿام به شاگرد تنظمين جي پنهنجي اندروني اتحاد ۾ آهي. اصولي طور تي شاگردن جو ڪم صرف ۽ صرف پڙهڻ ۽ شاگردن جا جائز حق ماڻڻ جي جدوجهد ڪرڻ هوندي آهي پر ان المئي تي ڇا چئجي ته سنڌي شاگردن کي تعليمي ادارن اندر به سنڌ خلاف سازشن کي سڌي ۽ اڻ سڌي طريقي سان منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ ان نتيجي ۾ ئي کين ڀوڳڻو به پوي ٿو پر ڇا ڪجي حالتن جي به اها ئي تقاضا آهي ته يونيورسٽين جي شاگردن کي نه رڳو تعليم حاصل ڪري ڊگريون ماڻڻيون آهن پر تعليم جو سازگار ۽ پرامن ماحول مهيا ڪرڻ به سندن ذميواري بڻجي وئي آهي يا اهڙي ذميواري سنڀالڻ جي کين صلاح ڏجي ٿي.
جيستائين ٽيون ڏينهن واري جهيڙي جو معاملو آهي ته يونيورسٽي انتظاميا جو به اهو ڪم آهي ته ٻنهي جهيڙو ڪندڙ تنظيمن کي ويهاري سندن مسئلو معلوم ڪري ۽ ان جو نبيرو ڪري. يونيورسٽي انتظاميا کي به هڪ اهڙي ڪاميٽي ٺاهڻ گهرجي جيڪا هر هفتي يونيورسٽي جي ڪنهن هڪ تنظيم سان واري واري سان گڏجاڻي ڪري ته جيئن سندن مسئلا آساني سان ٻڌي ۽ حل ڪري سگهجن. يونيورسٽي انتظاميا جي ان ڪميٽي جو ٻيو وڏو مقصد يونيورسٽي اندر امن قائم ڪرڻ ۽ صحتمند تعليمي ماحول مُهيا ڪرڻ هجي باقي جهيڙي کان پوءِ حڪومتن جهڙا بيان ڏيڻ جو ڪو فائدو ناهي ته امتحانن دوران پرامن ماحول ۾ خلل وجهڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه ڏني ويندي، هٿيار ڪلچر کي برداشت نه ڪيو ويندو جيڪي واقعي ۾ ملوث هوندا انهن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي. اسان جو خيال آهي ته اهو سڀ يونيورسٽي انتظاميا کي اڳ ۾ ڪرڻ گهرجي جيئن يونيورسٽين اندر خراب ماحول پيدا نه ٿئي. شاگرد تنظيمن کي اولاد وانگر ڏسڻ گهرجي، انهن خلاف سخت ڪاررواين جا اعلان نه ڪرڻ گهرجن پر انهن سان مسلسل ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ۽ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو ته جيئن اهڙين سخت ڪاررواين جي نوبت ئي نه اچي. باقي انتظامي طور سختين جا به اسان ماضي ۾ نتيجا ڏسي چڪا آهيون جنهن ڪري يونيورسٽين جو تعليمي ماحول ويتر خراب ئي رهيو.
سو سختين ۽ ڪاررواين کان علاوه ڳالهين وغيره جا جيڪي آپشن آهن تن تي غور ڪيو وڃي. ٻيو ته جيئن اسان شاگرد تنظيمن کي سنڌ ۽ تعليم دشمن سازشن کان خبردار ڪيو آهي تيئن يونيورسٽين جي انتظاميا کي به گذارش ڪنداسين ته اهي به تعليم دشمن سازشن جو حصو ٿيڻ کان محفوظ رهن تنهن لاءِ ضروري آهي ته يونيورسٽي انتظاميا ۽ شاگرد تنظيمن جو هڪٻئي سان لاڳيتو رابطو رهي جيئن دشمنن کي سندن وچ ۾ سازشون ڪرڻ جو موقعو نه ملي