وچ اوڀر ۾ ھڪ طرف ايران ، آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ سبب وڌندڙ ڇڪتاڻ اڃان ختم ناھي ٿي سگھي ٻئي طرف ڀارتي آرمي چيف جون ناڪام ڦوڪن به خطي ۾ جنگي ماحول جي عڪاسي ڪن ٿيون جنھن جو مقصد پاڪستان پاران شاندار ٽياڪڙي ڪرڻ تان دنيا جي توجهه ھٽائڻ سندس ساڙ جو اظھار آھي، وچ اوڀر جنگ نه رڳو علائقائي سياست کي غير يقيني بڻائي ڇڏيو آهي، پر عالمي معيشت، تيل جي منڊي، سامونڊي واپار ۽ سفارتي توازن کي به سخت متاثر ڪيو آهي۔ جنگي ماحول سبب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي واپاري سرگرمين ۾ سستي آئي آهي،اتي تيل جي اگهن ۾ گھٽ وڌائي پيدا ٿي آهي ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ بيچيني وڌي آهي۔
اهڙي نازڪ صورتحال ۾ پاڪستان مسلسل جنگ بندي، سفارتي ڳالهين ۽ علائقائي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي نظر اچي رهيو آهي،ٻئي طرف ڀارتي ڪردار ٻڙي آھي تيئن ڀارت جي پاليسي هن ڀيري به توازن ۽ سفارتڪاري بدران واضح طور هڪ طرفي سياسي وابستگي جي عڪاسي ڪندي رهي آهي۔اھڙا بيان ڏيڻ ڀارتي مجبور آھن ڇو ته نه فقط مودي پاليسي کي ڀارتي عوام رد ڪيو آھي پر ساڳي وقت ناڪام فوجي حڪمت عملين تي ڀارتي فوج کي نشانو بڻايو ويو آھي
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو اسرائيل جي دوري دوران اسرائيلي قيادت سان يڪجهتي ۽ همدردي جو اظهار دراصل ڀارت جي موجوده حڪومتي سوچ جو تسلسل آهي، جيڪا عالمي تڪرارن ۾ غيرجانبدار سفارتڪاري بدران نظرياتي لاڳاپن کي ترجيح ڏيندي نظر اچي ٿي۔ ايران، جيڪو ماضي ۾ ڀارت سان چابھار سميت توانائي، واپار ۽ علائقائي سهڪار جي حوالي سان اهم لاڳاپا رکندو رهيو آهي، مودي جي مٿين بيان کان پوءِ ايران پنهنجي پاليسي تي ٻيهر غور ڪرڻ تي مجبور ٿيو آھي ۽ پاڪستان جي ٽياڪڙي کي ترجيح. ڏيئي ان تي اعتماد ڪري رھيو آھي ۔ اهڙي ماحول ۾ ڀارت جي سفارتي اڪيلائي وڌيڪ نمايان ٿي وئي آھي جنھن ڪري اھڙيون ڦوڪون ڏيئي پنھنجي ڪريل پوزيشن کي اڀار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي ، ڇاڪاڻ ته پاڪستان سميت عالمي برادري جو وڏو حصو جنگ جي خاتمي، ڳالهين ۽ تڪرار جي سياسي حل تي زور ڏيندو رهيو آھي ، جڏهن ته اتي ڀارت طرفان جنگ بندي لاءِ ڪا نمايان يا سرگرم سفارتي ڪوشش سامهون نه اچي سگهي آھي.
ان پسمنظر ۾ ڀارتي آرمي چيف جنرل اُپندر دويويدي جو تازو بيان، جنهن ۾ پاڪستان خلاف جارحاڻو لهجو اختيار ڪرڻ ، دراصل ان ذهني پريشاني ۽ اسٽريٽجڪ بيچيني جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪا ڀارت کي خطي جي بدلجندڙ سياسي حالتن سبب درپيش آهي۔ پاڪستان خلاف سخت ۽ اشتعال انگيز بيانن ڏکڻ ايشيا کي ٻيهر عالمي ڌيان جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي۔ هڪ اهڙي خطي ۾، جتي ٻه ايٽمي طاقتون ڏهاڪن کان جنگين، بي اعتمادي، سرحدي ڇڪتاڻ ۽ سياسي اختلافن جي ور چڙهيل آهن، اتي پاڪستان کي جاگرافي طور مٽائڻ جهڙا لفظ رڳو سياسي نعرا ناهن، پر اهڙيون خطرناڪ سوچون آهن، جيڪي خطي جي امن ۽ عالمي سلامتي لاءِ سنگين نتيجا پيدا ڪري سگهن ٿيونپاڪستان فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جو ردعمل ان حوالي سان انتهائي اهميت رکي ٿو۔ بيان ۾ واضح طور چيو ويو ته هڪ خودمختيار ايٽمي رياست کي جاگرافي طور ختم ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ ذهني ڏيوالپڻي، جنگي جنون ۽ اسٽريٽجڪ ناپختگي جي علامت آهن۔ ذميوار رياستن جي ٻولي هميشه برداشت، تدبر ۽ سفارتي توازن تي ٻڌل هوندي آهي، ڇو ته جديد دور ۾ ڪا به وڏي جنگ صرف ٻن ملڪن تائين محدود نٿي رهي۔ خاص طور ڏکڻ ايشيا جهڙي ايٽمي خطي ۾ جنگ جي ڪنهن به غلطي جا اثر سڄي دنيا تائين پهچي سگهن ٿا۔
گذريل سالن ۾ آپريشن سندور، پهلگام واقعي ۽ ان کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ خطي کي انتهائي خطرناڪ موڙ تي آڻي بيهاريو هو۔ سرحدن تي شديد فائرنگ، جنگي بيانن ۽ چار ڏينهن واري فوجي ڇڪتاڻ ٻنهي ملڪن جي عوام ۾ خوف ۽ بي يقيني پيدا ڪئي۔ پر ڀارت کي سمجھائي ڇڏيو ته جنگ ڪيئن سندس ھر ٽيڪنالوجي جام ٿي وئي ھئي منھن پڪائي ڪندي پنھنجي عسڪري ڪاميابين جا دعوٰيٰ ڪندي رھيو ، پر مڃيو ته پاڪستان اھا جنگ کٽي انڊيا جي منھن چماٽ. ھڻي ڇڏي اسان جنگ ڪڏھن به حامي ناھيون حقيقت اها آهي ته اهڙيون حالتون عوام لاءِ رڳو معاشي بحران، سياسي بيچيني ۽ نفسياتي دٻاءُ جو سبب بڻجن ٿيون۔پاڪستان جو موقف شروع کان واضح رهيو آهي ته ملڪ پنهنجي خودمختياري، قومي سلامتي ۽ دفاع تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندو۔ پاڪستان جي عسڪري قيادت بار بار اهو واضح ڪري چڪي آهي ته ملڪ جي دفاعي صلاحيت مڪمل طور فعال، منظم ۽ تيار آهي۔ آءِ ايس پي آر جو اهو بيان تهاهڙي قسم جو جاگرافيائي خاتمو ٻطرفو هوندو، دراصل خطي ۾ موجود ايٽمي توازن جي ان حقيقت ڏانهن اشارو آهي، جنهن کي نظرانداز ڪرڻ ڪنهن به رياست لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو۔
ٻئي طرف ڀارت اندر به ڪيترائي ذميوار سياسي، سفارتي ۽ سول سوسائٽي جا حلقا اهو محسوس ڪن ٿا ته مستقل محاذ آرائي ۽ جنگي نفسيات خطي کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي۔ ڏکڻ ايشيا جي لڳ ڀڳ ٻن ارب ماڻهن کي هٿيارن جي ڊوڙ، نفرت ۽ جنگي بيانن بدران تعليم، صحت، واپار، ٽيڪنالاجي ۽ انساني ترقي جي ضرورت آهي۔ غربت، بيروزگاري، موسمي تبديلي ۽ پاڻي جي بحران جهڙا مسئلا جنگين سان نه ، پر گڏيل حڪمت عملي ۽ علائقائي تعاون سان حل ٿي سگهن ٿا۔ڏٺو. وڃي ته پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي طاقت طور عالمي سطح تي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، دراصل پاڪستان جي ان سفارتي حڪمت عملي جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪا ڳالهين، جنگ بندي ۽ سياسي استحڪام تي زور ڏئي ٿي۔