ادب جي دنيا ۾ لڳ ڀڳ اڌ صدي جيترو عرصو گذري چڪو آهي، سو ادبي لڏي سان دوستيون، خانداني تعلق، سڃاڻپ جو تعلق به ايترو ئي پراڻو آهي، وقت سان گڏو اهو ڄاڻ سڃاڻ جو دائرو پڻ وسيع ٿيندو وڃي ٿو. جن سان گڏ اسان ادبي محفلن، ميڙاڪن ۾ گڏجي بحث ڪيا، ڪچهريون ۽ ٽهڪ ڏنا ڪيترن ئي سالن کانپوءِ وري انهن مان ڪير نظر اچي ته خوشي جي ڪيفيت ڇائنجي ويندي آهي. اها خوشي اکين مان پڻ ڇلڪندي آهي ۽ جن سان ڪيترن ڏهاڪن کان ملاقات نه ٿيندي آهي ته ڪيترا ڀيرا دل سٽ کائيندي آهي ته جيڪر انهن جي خيريت جي خبر پئي يا ملاقات ٿئي. اهڙن ئي ڪجهه ملاقاتن ۾ ڄاتل سڃاتل اديب جيڪي هم عصر ۽ هم عمر هئا اهي به اڳيان وڌندي امالڪ مٿي تي شفقت سان هٿ رکندا آهن، ۽ ان اچانڪ عمل کي منهنجو ذهن قبول نه ڪري سگهندو آهي. مان بي ساخته ٻه قدم پويان هٽي ويندي آهيان، پر جڏهن ابراهيم جويو، ڪامريڊ سوڀو ۽ ڪامريڊ روچي رام ۽ اهڙا ٻيا به ڪجهه نالا آهن مٿي تي هٿ رکيو ته مون کي سٺو لڳو. ۽ مون پاڻ انهن جي اڳيان احترام منجهان ڪنڌ جهڪايو هو. پر پاڻ کان ننڍن، هم عصرن جو مٿي تي هٿ رکڻ مون کي برو لڳو. مون ويجهن دوستن کان پڇيو ته هي ائين ڇو ٿا ڪن انهن جواب ڏنو ”اها اسان جي تهذيب آهي ته عورت جي عزت ڪجي، هو عزت منجهان مٿي تي هٿ رکن ٿا.“ عزت جي ان طريقي کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ بدران ان جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ان تي سوچڻ ته کپي ته ايئن ڇو آهي. اها ڪنهن جي ڪٿان جي روايت يا تهذيب آهي جن تي اسان عمل ڪيون ٿا.
تهذيب پٿرن جو جبل ناهي، جو جيئن جو تيئن هڪ ئي هنڌ تيستائين موجود هجي جيستائين قدرتي آفت ان کي هلائي ڇڏي. تهذيب دريائن جي ڪنارن تي جنم ورتو سو لڳ بڳ سندس فطرت وهندڙ پاڻي سان ملندڙ جلندڙ آهي. ٻولي ۽ تهذيب تاريخ ۽ جاگرافيائي اثرن کان متاثر ٿيندي رهي ٿي ۽ ان ڪري انهن ۾ وقت سر تبديليون پڻ اچن ٿيون. سنڌ جي تهذيب موجوده دور تائين ايندي ايندي موهن جي دڙي جي دراوڙ نسل جي نج تهذيب ته نه رهي، ان ۾ آريا، مختلف تاريخي دور، محمد بن قاسم سان گڏ اسلامي دور جي تهذيب، ارغون، ترخان، مغل، سومرا، سما هر دور ۾ تهذيب پڻ سفر ڪندي رهي. انسانن مهذب معاشري جي تخليق لاءِ اصول ۽ روايتون جوڙيون ڪجهه روايتون پڻ تهذيب جو ازخود حصو بڻجي وڃن ٿيون، روايتون مثبت به ٿين ٿيون ته منفي به. اسان هميشه پاڻ کي موهن جي دڙي جي تهذيب جا وارث چئون ٿا پر اسان جي ذهن تي ٻين سڀني تهذيبن جو اثر پڻ آهي جن کي اسان بنا ڪنهن ڇنڊڇاڻ جي سنڌ جي تهذيب چئون ٿا. ڪنهن سان ملاقات جي وقت پهريون عمل هرڪنهن جي تهذيب جو حصو آهي، اهو فقط مذهب جو ئي نه پر قومن جي تهذيب جو به حصو آهي.
قديم تهذيب جنهن جو اسان جي ڌرتي سان تعلق آهي، انهن جي آدرڀاءُ جو طريقو هو ته هو ٻئي فرد هڪٻئي اڳيان ڪنڌ نمائي عاجزي مان هٿ جوڙيندا هئا. پر جي اڳلو فرد گرو، استاد، بزرگ آهي ته ٻيو فرد جهڪي ان جا پير ڇهندو ۽ گرو يا بزرگ ان کي آشيرواد ڏيندي ان جي مٿي تي شفقت منجهان هٿ رکندو.
اڃا تائين ڪجهه اسان وٽ سنڌي مسلمانن گهراڻن ۾ بزرگن سان پيرين پئي ملندا آهن، عيد جي موقعي تي پڻ ڪندا آهي، پر ڇوڪرين تي اهو لازم نه هوندو آهي ان ڪري هو جڏهن وڏن جي سامهون خاص طور مرد مائٽ پيءُ نانو ڏاڏو وغيره ته اهي مٿي تي هٿ رکندا آهي، ڪجهه گهراڻن ۾ ڇوڪريون پڻ بزرگ مردن کي پيري پئي ملنديون آهن. مان هڪ ڀيري پنهنجي دوست ڊاڪٽر جهان آرا ٽالپر سان گڏ هئس ان کي رستي تي پنهنجي رشتي جي چاچي مير رسول بخش ٽالپر سان ملڻو هو، موڻ ڏٺو ته هوءَ ان سان پيرين پئي ملي.. ڪلاسيڪل رقص ۽ ميوزڪ جي گرو جا شاگرد پير ڇهي ملندا آهي. اڳي پيرن تي باقائدن هٿ رکيو ويندو هو پر هاڻي گوڏن تائين جهڪڻ به ڪافي سمجهو وڃي ٿو.
سنڌي هندو ۽ سنڌي مسلمان صدين تائين گڏ رهيا، سنڌي مسلمان آڌرڀاءُ طور تي هلڪو ڪنڌ جهڪائيندي هڪ يا ٻئي هٿ سيني تي رکندا آهن. هونئن ته مرد مردن سان ۽ عورتون عورتن سان ڀاڪر پاڻي ملن يا هٿ ملائين پر عورتن ۽ مردن جي آڌرڀاءُ جو اهو طريقو ۽ خاص لفظ چيا وڃن ٿا. مهمان جي گهر ۾ داخل ٿيندي ئي ميزبان ان کي کيڪاريندي چوندو چوندي ‘ڀلي ڪري آيا‘ مهمان جو جواب.‘خير هجئي‘ اهي جملا هوبهو فارسي ۾ آهن ‘خوش آمديد‘ جواب ‘مرسي‘ مطلب مهرباني. سلام عربي زبان ۾ آهي جنهن جو مطلب ۽ مفهوم پڻ ساڳيو آهي. سلامتي جي دعا وراڻي طور توهان به سلامت رهو. اسان سان گڏ رهندڙ هندو هٿ جوڙي يا هاڻي بنا هٿ جوڙڻ جي به ‘نمستي‘ ‘ چون ٿا.مسلمان اردو ڳالهائيندڙ هجرت کان اڳ يا پوءِ انڊيا يا پاڪستان ۾ سلام ڪندا پر جي ڪنهن بزرگ يا اهم قابل احترام شخص کي ٿورو ڪنڌ نمائيندي پيشاني تي هٿ رکندي ‘آداب‘ چوندا جواب ۾ اهو شفقت سان مٿي تي هٿ رکي يا بنا هٿ رکڻ جي به جواب ڏيندي يا ڏيندو ‘ جيتي رهو‘ انگريزي ۾ ‘هيلو‘ لفظ ڇو ۽ ڪڏهن ڪهڙي مقصد لاءِ ايجاد ٿيو پر ان جو مطلب ‘خوش آمديد ‘ ئي سمجهو وڃي ٿو. نوجوانن ۾ کيڪار آڱرين جي هلڪي جنبش سان ‘هاءِ‘ آڌرڀاءِ لاءِ ڪافي سمجهي وڃي ٿي. جپان، چين ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پڻ کيڪاريندي ڪنڌ جهڪايو ويندو آهي. ٻئي مخاطب هڪ ٻئي اڳيان ڪنڌ جهڪائين ٿا.
ڀليڪار چوندي مٿي تي شفقت سان هٿ رکڻ فقط سنڌين جو نه پر تمام گهڻين تهذيب، قومن جي روايت آهي، ان روايت کي غلط نه ٿو چئي سگهجي. جيڪڏهن ڪا پنجاهه سالن کان به وڏي عمر جي عورت يا مرد ڪلاسيڪل رقص يا موسيقي جي باقائده تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ان فن جي ماهر کان سکيا وٺن ٿا اهو ڪو ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري پوءِ ان گرو جي عمر کڻي سندن اڌ عمر جيتري به ڇونه هجي اهو عمر ۾ سندن ٻارن جيترو هجي ته به هو گرو جا پير ڇهندا آهن ۽ گرو آشيرواد به ڏيندو آهي، اهي روايتون گهڻن جاين تي اڄ به قائم آهي ته ڪيترن جاين تي ختم پڻ ٿي چڪيون آهي. گرو ۽ شاگرد هڪٻئي کي آڱرين جي جنبش سان ‘هاءِ‘ يا ‘هئي‘ چوندا آهن.
سو جڏهن پنهنجي هم عصر هم عمر عورتن جي مٿي تي مرد هٿ رکن ٿا ۽ ان کي سنڌ جي اها تهذيب قرار ڏين ٿا جيڪي ‘عورت جي عزت‘ کي لازم سمجهي ٿي ته ‘مٿي تي هٿ رکڻ‘ جي سببن ۽ روايتن کي سمجهڻ به ته گهرجي. عورت آهي سو ان ڪري عزت لائق آهي جي اها سوچ آهي ته پوءِ تهذيب جي تاريخ ته اهو ٿي ٻڌائي ته جنهن کي عزت ڏبي آهي پاڻ ان جا پير ڇهبا آهن ان اڳيان ڪنڌ جهڪائبو آهي. جيڪا عزت جو اهڃاڻ آهي اها شفقت سان توهان جي مٿي تي هٿ رکندي. يا توهان لاءِ نيڪ نيتي ۽ دعا جا لفظ چوندي.
عورت سان شفقت سان پيش اچڻ جو تصور فاتح قومن پاران پيش ڪيو ويو، ڪنهن ملڪ تي حملو ڪرڻ ان جو جواز ڪهڙو به هجي ڪڏهن مذهب خاطر، ڪڏهن پنهنجي ملڪ ۽ سلطنت جي مفاد ۾ پنهجي سرحدن کي وسيع بنائڻ خاطر يا ملڪ کي ٻين جي قبضي کان بچائڻ لاءِ جنگيون وڙهيون وينديون هيون. فاتح لشڪر فتح جي مال کي قبضي ۾ آڻيندو هو جنهن ۾ مال خزاني کان سواءِ عورتون پڻ مال غنيمت هونديون هيون. جن کي باندي بڻايو ويندو هو. سو انهن جنگين جي فاتحن کي مذهبن ۽ اخلاقي درس ڏيندڙن اها سمجهاڻي ڏني ته ‘ جنگ ۾ عورتن ۽ ٻارن سان نرمي جو سلوڪ رکو، جنگ کٽڻ جي صورت ۾ پڻ عورتن سان بدترين سلوڪ نه ڪيو، سندن مٿي تي شفقت جو ٻاجهه جو هٿ رکو‘. اهو ان ڪري به درس ڏنو ويو جو عورتن سان غيرانساني سلوڪ ٿيندو هو. انهي ڪري عورتن سان رحم ۽ شفقت جو رويو رکڻ تي اتساهيو ويو. اها سوچ ۽ اهو رويو ان زماني جي حالتن مظابق مثبت رويو هو. پر تاريخ به زماني سان ترقي ڪئي. عورتون پڻ حڪمران ٿيون، جن جي اڳيان هزارين ماڻهون ڪنڌ جهڪائي بيهندا هئا، انهيءَ ڪري نه ته هو عورتون آهن پر ان ڪري ته اهي بااختيار آهن.
جڏهن ڪجهه اهڙن موقعن تي مون پنهنجي مٿي تي هٿ رکندڙ انهن هم عصر اديبن کي ايئن ڪرڻ کان روڪيو ته اتي موجود ڪجهه عورتن مون سان اختلاف ڪيو ۽ چيو ته هڪ ته اهڙي معمولي ۽ بي زرر ڳالهه سبب هو ادبي دنيا جي معتبر مردن سان دشمني نه ٿيون رکي سگهن ۽ اهو به چيو ته اها اسان جي تهذيب آهي. مسئلو ته اهو آهي ته اسان پنهنجي تهذيب جو لاڳاپو جوڙيون ته موهن جي دڙي سان ٿا پررهڻ ان تهذيب جي دائري ۾ ٿا چاهيون جيڪا جنگين جي نتيجي ۾ فاتحن، ڦورو طبقن اسان تي لاڳو ڪئي.
عورت جي عزت جو اهو معيار ته عورت ست قران، عورت جي قدمن هيٺان جنت، اسان اهڙي عظيم قوم. جي نياڻي کي ساڻ وٺي دشمن ڏانهن وڃجي ته اهو هڪ ته ڇا ست خون معاف ڪري ڇڏيندو. اهي سڀ مثال ڌوڪو آهن نياڻي جي ڪري خون معاف ٿيندا آهن پر ان ڪري ته ان کي خون بها ۾ ڏئي ايندا آهن.
سو مٿي تي هٿ رکڻ جي روايت ۾ عورت جي عزت جي نظريي کان وڌيڪ مرد جي احساس برتري شامل آهي. جنهن تي اسان ڳالهائڻ ته چا پر سوڃڻ به نه ٿا چاهيون