ماڌوريءَ ۽ ترپتيءَ جي فلم”ماءُ ڀيڻ“ جي رليز جو اعلان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ماڌوري ڊڪشت ۽ ترپتي ڊمري جي نئين نيٽ فلڪس فلم ”مان بيهن “ جي رليز جي تاريخ سامهون اچي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، فلم جي ڪهاڻي ڏوهن ۽ مزاح سان ڀرپور آهي ۽ اها چار جون تي نيٽ فلڪس تي رليز ڪئي ويندي.
نيٽ فلڪس ماڌوري ڊڪشت جي سالگرهه جي موقعي تي فلم جو ٽيزر جاري ڪندي اعلان ڪيو ته هيءُ هڪ ڪرائم، ڪاميڊي، هنگامي ۽ تجسس سان ڀرپورواقعن جو مجموعو آهي.
نيٽ فلڪس طرفان سوشل ميڊيا پوسٽ سان گڏ دلچسپ ڪيپشن پڻ شيئر ڪيو ويو جنهن ۾ لکيل هو ته ” ڌڪ ڌڪ ٿئي پئي ؟ تاريخ نوٽ ڪري ڇڏيو مان بيهن چار جون تي رڳو نيٽ فلڪس تي.“
فلم جي هدايتڪاري سريش ترويني ڪئي آهي جڏهن ته ڪهاڻي هڪ اهڙي ماءُ ۽ ان جي ٻن ڌيئرن جي چوڌاري ڦري ٿي جن جي زندگي ان وقت مڪمل طور تي بدلجي ويندي آهي جڏهن سندن رڌڻي ۾ اوچتو هڪ لاش ظاهر ٿيندو آهي.
ڪهاڻي ۾ ريکا، جيا ۽ سُشما نالي ٽيئي عورتون سچ لڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، پر ڪوڙ، ڊپ، گهٻراهٽ ۽ پاڙيسرين جي مداخلت سندن مشڪلاتن ۾ وڌيڪ واڌارو ڪري ٿي.
فلم ۾ ماڌوري ڊڪشت، ريکا جي ڪردار ۾ نظر ايندي جڏهن ته ترپتي ڊمري ۽ ڌرنا، دُرگا سندس ڌيئرن جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.
ان کانسواءِ روي ڪشن به اهم ڪردار ۾ شامل آهي. ٻين ڪاسٽ ۾ گيتانجلي ڪلڪرني، ارونوديا سنگهه ۽ شردول ڀردواج شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.