ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير ضياءِ الحسن لنجار چيو آهي ته منشيات وڪرو ۾ ملوث انمول عرف پنڪي جو ٽرائل جيل ڪورٽ ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته پنڪي کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سندس سمورن ساٿين کي به قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويندو، ان سان گڏ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث سمورن ماڻهن جا نالا پڻ ظاهر ڪيا ويندا.
هن چيو ته پنڪي سرعام چئلينج ڪندي هئي ته کيس گرفتار ڪيو وڃي، اسان کيس گرفتار ڪري ورتو آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته جوابدار عورت کي اڳ ۾ ڪيترن ئي عرصي کان گرفتار نه ڪيو ويو هو.
صوبائي وزير واضح ڪيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سڄي سنڌ ۾ منشيات جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪارروائيون جاري آهن.
هن وڌيڪ چيو ته منشيات وڪرو ۾ ملوث عناصر کي عدالتن مان سولائيءَ سان ضمانت ملي وڃي ٿي، جنهن ڪري ڏکيائي ٿئي ٿي، پر پوليس ان جي خاتمي لاءِ پنهنجا قدم کڻي رهي آهي.