پشاور(ويب ڊيسڪ) خيرپختونخوا جي قبائلي ضلعي باجوڙ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس اهلڪارن تي فائرنگ جا ٻه ڌار ڌار واقعا پيش آيا، جن ۾ ٻه پوليس اهلڪار مارجي ويا آهن.
ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) باجوڙ محمد خالد خان انهن واقعن جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته پوليس اهلڪار سيد عزيز کي سالارزئي تعلقي جي علائقي ڊاگ قلعي جڏهن ته سيد قادر کي تبئي واري هنڌ تي پوليو ڊيوٽي تان واپسيءَ دوران فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو.
ڊي پي او موجب، واقعن کانپوءِ علائقي جي ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته اڄ پوليو مهم جو پهريون ڏينهن هو، جيڪا 24 مئي تائين جاري رهندي ۽ ان جي امن امان لاءِ باجوڙ ضلعي ۾ 1500 کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.
ٻنهي شهيد اهلڪارن جي جنازي نماز باجوڙ پوليس لائن گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريڊي ۽ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي باجوڙ ۾ پوليو ٽيمن تي فائرنگ جو نوٽيس وٺندي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
ٻئي پاسي ڪي پي ڪي جي آءِ جي پوليس انهن حملن جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.