اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) جي براڪه نيوڪليئر پلانٽ تي ٿيل ڊرون حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل عرب امارتن ۾ نيوڪليئر انرجي پلانٽ تي ڊرون حملي جي سخت مذمت ڪريون ٿا.
هن چيو ته اسان امارتي قيادت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، لاڳاپيل ڌريون وڌ کان وڌ صبر جو مظاهرو ڪن ۽ عالمي قانون تحت پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪن.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڳالهيون ۽ سفارتڪاري ئي دائمي علائقائي امن، استحڪام ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ واحد عمل جوڳو رستو آهن.
ٻئي پاسي پرڏيهي کاتي جي ترجمان به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته نيوڪليئر توانائي پلانٽ کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، توانائي پلانٽ کي نشانو بڻائڻ جوهري تحفظ جي اصولن جي به سنگين خلاف ورزي آهي.
ترجمان چيو ته شهري جوهري ٿاڪن کي ڪنهن به صورت ۾ نشانو نه بڻايو وڃي، اهڙا حملا انساني جانين، ماحول ۽ عالمي امن لاءِ تباهه ڪندڙ نتيجن جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا.