سلهٽ ٽيسٽ: مشفيق الرحيم جي سينچري، پاڪستان مٿان وائيٽ واش جي تلوار ٽنگيل، فتح لاءِ 437 رنسون گهربل

سلهٽ) ويب ڊيسڪ) سلهٽ ۾ پاڪستان خلاف جاري ٻئي ٽيسٽ ميچ جي ٻي اننگز ۾ بنگلاديشي ٽيم 390 رنس تي آل آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 437 رنسن جو هدف مليو آهي.
ميچ جي ٽئين ڏينهن بنگلاديش پنهنجي ٻي اننگز 110 رنسن 3 وڪيٽن جي نقصان کان اڳتي وڌائي.
بنگلاديش طرفان مشفق الرحيمن 137 ۽ لٽن داس 69 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي،جڏهن ته محمود الحسن 52، مومن الحق 30 ۽ تيج الاسلام 22 رنسن سان نمايان رهيا.
پاڪستان جي خرم شهزاد 4، ساجد خان 3 ۽ حسن علي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
ان کان اڳ، پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ 232 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي ۽ بنگلاديش کي 46 رنسن جي ليڊ حاصل ٿي هئي. پاڪستان طرفان بابر اعظم 68 ۽ ساجد خان 38 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا، جڏهن ته ڪپتان شان مسعود 21، سلمان آغا 21، اذان اويس 13 ۽ محمد رضوان 13 رنسون ٺاهي سگهيا.
بنگلاديش جي ناهيد رانا ۽ تيج الاسلام 3 – 3 وڪيٽون ورتيون.
واضح رهي ته ٽاس کٽي پاڪستان طرفان بيٽنگ جي دعوت ملڻ کانپوءِ، بنگلاديش پهرين اننگز ۾ 278 رنسون ٺاهيون هيون، جنهن ۾ لٽن داس 126 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي هئي.
پاڪستان جي خرم شهزاد 4 ۽ محمد عباس 3 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.
ياد رهي ته 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ بنگلاديش کي 1-0 جي سرسي حاصل آهي، پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش پاڪستان کي 104 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.