پاڪستان عالمي عدالت ۾ ڀارت خلاف پاڻي معاملي تي وڏي قانوني جنگ کٽي ورتي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان دي هيگ ۾ قائم عالمي ٽياڪڙي عدالت ۾ هڪ وڏي قانوني جنگ کٽي ورتي آهي، جتي عدالت سنڌ طاس معاهدي (انڊس واٽرز ٽريٽي) تحت ايندڙ وارن درياهن تي ڀارت طرفان اڏيل پن بجلي رٿائن لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي وڌ کان وڌ گنجائش جي حساب ڪتاب واري طريقي تي پاڪستان جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.
ڪيس جي حساسيت سبب جيتوڻيڪ ٽياڪڙي عدالت جو هي فيصلو اڃا تائين باضابطا طور تي شايع ناهي ڪيو ويو، پر اسلام آباد ۾ ان کي هڪ وڏي سفارتي ۽ قانوني ڪاميابي طور ڏٺو پيو وڃي.
پاڪستان ٽياڪڙي عدالت آڏو ڀارت جي ان طريقي کي چئلينج ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته اهو طريقو ڀارت کي 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي تحت طئي ٿيل اجازت کان ڪٿي وڌيڪ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش ٺاهڻ جي سهولت ڏئي ٿو.
پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ترجمان سيد مھر علي شاهه چيو ته ٽربيونل پاڪستان جو موقف مڃي ڪري ورتو آهي ۽ اهو فيصلو ڏنو آهي ته ڀارت هڪطرفو انهن بنيادن تي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش جو تعين نٿو ڪري سگهي، جن کي پاڪستان ”هٿرادو“ قرار ڏنو هو.
ٻئي پاسي، پاڪستان طرفان سنڌ طاس معاهدي تي عالمي ٽياڪڙي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪئي پئي وڃي.
عدالت ۾ ڀارت جي ”رتلي هائيڊرو اليڪٽرڪ پلانٽ“ ۽ “ڪشن گنگا هائيڊرو اليڪٽرڪ منصوبي“ جي ڊيزائن واري معاملي تي دليل ڏنا ويا هئا، جنهن کانپوءِ عدالت 15 مئي تي هي فيصلو جاري ڪيو.
پاڪستان موجب، هي فيصلو ثابت ڪري ٿو ته سنڌ طاس معاهدي تحت ڀارت جي پاڻي ڪنٽرول ڪرڻ واري صلاحيت تي واضح حدون موجود آهن ۽ ڀارت اهو ثابت نه ڪري سگهيو ته پاڻي جو ذخيرو وڌي چڪو آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت تي لازمي آهي ته هو معاهدي جي جائزي لاءِ پاڪستان کي مڪمل ڄاڻ فراهم ڪري.
هن عدالتي فيصلي پاڪستاني موقف کي سائنسي، آبي ۽ اسٽريٽجڪ بنيادن تي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.