ووٽر جي عمر وڌائڻ جو سبب عمران خان جي مقبوليت؟

اسلام آباد(سعيد بلوچ ) عمران خان سياسي طور اسٽيبلشمينٽ تي وڏي برتري حاصل ڪري چڪو آهي، ۽ هاڻي حڪومتي ۽ طاقتور حلقا سندس وڌندڙ عوامي مقبوليت کان پريشان آهن، 20 سيپٽمبر 2025ع تي چونڊ ڪميشن جا ووٽر انگ اکر سامهون آيا هئا، جن مان ظاهر ٿيو ته ملڪ ۾ نوان ووٽر تيزي سان شامل ٿي رهيا آهن، ۽ انهن مان وڏي اڪثريت نوجوانن جي آهي، جيڪي عمران خان جي حمايت ڪن ٿا۔ سندس خيال موجب هر روز هزارين نوان ووٽر شامل ٿين ٿا ۽ انهن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ عمران خان جا حامي آهن۔عمران خان جي مقبوليت هاڻي عمر، برادري، صوبي يا شهر جي حدن کان به مٿي نڪري وئي آهي۔ ان مقبوليت کي روڪڻ لاءِ ڪجهه حلقا ووٽ جي عمر 18 سالن کان وڌائي 25 سال ڪرڻ جون تجويزون ڏئي رهيا آهن، جيئن نوجوان ووٽرن جو اثر گهٽجي سگهي۔ هن حوالي سان رانا ثناء الله جو بيان به ذڪر ڪيو ويو، جنهن ۾ هن ووٽ ڏيڻ جي عمر وڌائڻ بابت خيال ظاهر ڪيو۔مبصر سوال اٿاري ٿو ته جيڪڏهن 17 يا 18 سالن جا نوجوان فوج يا پوليس ۾ ڀرتي ٿي ملڪ لاءِ جان ڏئي سگهن ٿا، ته پوءِ ووٽ ڏيڻ لاءِ 25 سالن جي شرط ڇو رکڻ چاهي پئي وڃي؟ سندس خيال ۾ هي رڳو سياسي حڪمت عملي آهي ته جيئن عمران خان جي ووٽ بئنڪ کي گهٽايو وڃي۔جيڪڏهن ووٽ جي عمر وڌائي وئي ته به عمران خان جي مقبوليت گهٽ نه ٿيندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 18 مئي  2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.