حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي سربراهه قائد انقلاب رسول بخش پليجي صاحب جي اٺين ورسي جي تياري ڪميٽي جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت هيٺ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ورسي جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. مختلف ڪميٽين ورسي تيارين جي رپورٽ پيش ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ وسند ٿري چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کي فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندي هن چيو ته هي ٻئي ٻوڏن وارا ڪئنال آهن، سنڌ ۾ هن وقت فصلن لاءِ پاڻي ڪونهي، ٻيجارو سڪي رهيو آهي، فوري طور پنجاب جا فلڊ ڪئنال بند ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. امڪاني 28هين آئيني ترميم کي سنڌ خلاف سازش قرار ڏيندي هن چيو ته پيپلز پارٽي امڪاني 28هين ترميم وسيلي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، وسند ٿري وڌيڪ چيو ته حڪمرانن مهانگائي ڪري عوام کي نپوڙي ڇڏيو آهي، بک سبب سنڌ ۾ هزارين مائرون ويم دوران فوت ٿي رهيون آهن، اجلاس ۾ نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عمراه سمون، اظھار دائود پوٽو، ايڊووڪيٽ مير پرويز دائود پوٽو، ڪائنات ھاليپوٽو، درياه خان زئور، لال جروار، اسماعيل خاصخيلي، عبدالقادر رانٽو، ڪائنات ڏاهري، سرمد سائينداد خاصخيلي، سرمد راڄپر، انور رند ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا.