ووٽر جي عمر حد تي يوٽرن:بي آءِ ايس پي جو بار صوبا کڻن:راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ن ليگ جي سينيٽر ۽ وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اين ايف سي ۾ تبديلي جي تجويز غور هيٺ آهي،ان ۾ ڪوشڪ ناهي ته وسيلن جي ورڇ ۾ صوبن کي حصو ڏيڻ کانپوءِ وفاق وٽ ڪجهه نٿو بچي،نظام هلائڻ ۾ مشڪلات پيش اچي رهي آهي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ضروري ناهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصي تي جنهن ۾ سمورا صوبا متفق آهن ان ۾ تبديلي آندي وڃي،ان کان علاوه ٻيا به طريقيڪار اختيار ڪري سگهجن ٿا،اهو مسئلو پوري هڪ سال کان جاري آهي، هن چيو ته گذريل مالي سال جي بجيٽ ۾ به اها صورتحال بحث هيٺ آئي هئي،هن سال به غور ٿي رهيو آهي،جيڪڏهن جنگ وارو معاملو وچ ۾ نه اچي ها ته ان تي فيصلو ٿي چڪو هجي ها،هاڻي بجيٽ سيشن ۾ ان تي ضرور ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اڳڀرائي ٿيندي،ڀلي اها 100 سيڪڙو هجي،30 هجي يا 50 سيڪڙو هجي،هن چيو ته اهو تاثر آهي ته صوبن کي گهڻو پئسو وڃي ٿو حالانڪه جيڪي مسئلا آهن،عوام کي رليف ڏيڻ جي ڳالهه آهي ته پوءِ اها ڳاله نٿي ڪري سگجهي ته صوبن کي تمام گهڻو پئسو ملي ٿو،هن چيو ته ان حوالي سان مختلف جاين تي ڳالهيون هلي رهيون آهن ان ڪري ان کي وڌيڪ بحث هيٺ نٿا آڻيون،وزيراعظم پاران ان حوالي سان صدر زرداري سان ڳالهائڻ واري سوال تي هن چيو ته منهنجي خيال ۾ ان سوال جو جواب مان نه ڏيان ته بهتر آهي،مان بلاول جي دعويٰ کي ڪيئن متضاد قرار ڏيان؟هن چيو ته قرضن جي ادائيگي ۽ دفاعي خرچ،بي آءِ ايس پي جا 760 ارب ۽ 12 کان 13 سئو ارب حڪومتي ادارن ۾ وڃي رهيو آهي،گردشي قرض 2 کان 3 هزار ارب رپيا آهي،اها صورتحال سڀني کي خبر آهي،اهو بار صوبا به کڻي سگهن ٿا،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون اهو ناهي چيو ته ووٽر جي عمر 25 سال ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي،ان تي هڪ راءِ آهي،اها راءِ ڪنهن جي به ٿي سگهي ٿي،ڪنهن کي توهان روڪي نٿا سگهو،حڪومتي يا سياسي سطح تي ان تي ڳالهيون نه ٿيون آهن،ميڊيا وارا ۽ مختلف ماڻهو ان تي رايا ڏئي رهيا آهن،هن چيو ته اليڪشن وڙهڻ لاءِ عمر جي حد 25 سال آهي پوءِ ان کي به 18 سال ڪيو وڃي،

ايڊونچر جي ضرورت ناهي،بي آءِ ايس پي جو بار صوبا ڇو کڻن؟شازيا مري

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پ پ جي سنيئر اڳواڻ ۽ ايم اين اي شازيا مري چيو آهي ته ڪجهه ليگي وزيرن پاران جيڪي بيان اچي رهيا آهن مون کي خبر ناهي ته اهو حڪومتي موقف آهي يا سندن ذاتي راءِ آهي،اسان سان ان طرح جي ڳالهه ٻوله سرڪاري سطح تي ناهي ڪئي وئي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران مالي معاملن جي حوالي سان ڪجهه خدشا آهن اهي اڄ جا ناهن،اهي اڳ به هئا،بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت کي فسڪل مئنيجيمينٽ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي،چاهي اهي ايف بي آر جون وصوليون هجن يا انهن جا غيرضروري خرچ،چاهي اهي وزارتون هجن جن جي هاڻي ضرورت ناهي ڇو ته ارڙهين ترميم ٿي چڪي آهي،گهڻا اشوز صوبن کي منتقل ٿي چڪا آهن پر وقت به وقت اها ڳالهه اٿاري ويندي آهي،ان قسم جون ڳالهيون ڪري حڪومت جا نام نماد نمائندا معاملن کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائيندا آهن،هن چيو ته بي آءِ ايس پي تي اسان جو سنگين اعتراض آهي ڇو ته بي آءِ ايس پي هڪ قومي پروگرام آهي،ان وٽ هڪ يونيڪ ڊيٽا آهي،اسان پٺتي پيل طبقن کي بچائي سگهون ٿا،وفاقي حڪومت بي جا ٽيڪس وڌائي ٿي جنهن جا اثر ماڻهن جي زندگين،انهن جي کيسن ۽ انهن جي حالتن تي پون ٿا ته پوءِ اها صوبن جي ذميواري ڪيئن ٿي بڻجي ته اهي ماڻهن کي بچائن؟صوبا پنهنجا ڪم ڪري رهيا آهن،اهي پنهنجا پنهنجا پروگرام هلائي رهيا آهن،پر وفاق جي به ذميواري آهي،هن چيو ته صوبن جو عوام وفاقي حڪومت جي غيرمنصفاڻين پاليسين جي قيمت ڇو ڀري؟هن چيو ته وفاقي سرڪار آءِ ايم ايف سان گڏ ويهي پاليسيون ٺاهي ٿي،عالمي مالياتي ادارا جا جيڪي به سخت ۽ غيرمناسب شرط آهن،ان حوالي سان به اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي،وفاقي حڪومت کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ماڻهن جو ڪيترو انگ غربت ،بيروزگاري ۽ مهانگائي جو شڪار آهي،توهان کي ماڻهن کي هدفي سبسڊي ڏئي انهن جو تحفظ ڪرڻو آهي،توهان من پسند شعبن کي سبسڊي نٿا ڏئي سگهو،توهان اشرافيه کي سبسڊي نٿا ڏئي سگهو،هن چيو ته پيٽروليم ليوي وارو معاملو سنگين آهي،حڪومت کي ان معاملي تي پٺتي هٽڻو پوندو،ليوي ورڇ جوڳي پول جو حصو ناهي،اسان ليوي معاملي تي آواز بلڪل اٿاريو آهي،هن چيو ته ملڪ ۾ ايڊونچرن جي ضرورت ناهي،اسان کي ميچوئر سياسي اسٽيڪ هولڊرز طور ڳالهه ڪرڻي پوندي،هن چيو ته ملڪ جا دفاعي معاملا آهن يا سفارتي انهن تي پ پ ڪو به سمجهوتو نه ڪندي،پ پ وفاقي حڪومت جي ڏکيائين کي سمجهي ٿي،پر انهن کي به اسان جي ۽ اسان جي ووٽرن جي اعتراضن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي،26 ۽ 27هين ترميم ۾ صوبن جي حقن کي تحفظ ڏنو ويو،پر مالي اسپيس جي حوالي سان ڳالهائڻو پوندو اسان به ملڪ ۽ عوام جي مفادن جو خيال رکندا آهيو

28ھين آئيني ترميم تي تمام گھڻا خدشا آھن: سسئي پليجو

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو چيو آھي ته 28ھين آئيني ترميم تي تمام گھڻا خدشا آھن، جيڪي خدشا جائز آھن، اڃان تائين 28ھين ترميم جو ڊرافٽ سامھون نه آيو آھي پر جيڪي ڳالھيون ٻڌڻ ۾ اچن پيون ته صوبن کي ورھائڻ سميت ٻيون سازشون رٿيون پيون وڃن، ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي هن چيو ته صوبن جي ورھاڱي جي ڪا به ڳالهھ ھوندي ته ان خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو، سنڌ جو عوام اھڙي فيصلي خلاف مضبوط ڀت بڻجي سامھون بيھندو، پ پ پ جي ڪوششن سان 18ھين آئيني ترميم پاس ٿي، 28ھين ترميم ذريعي اين ايف سي ايوارڊ تي راتاھو ھڻڻ، 18ھين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ سميت صحت، تعليم ۽ پاپوليشن جھڙن ادارن کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالھيون ٿي رھيون آھن، هونءَ به اڳ ئي سمورو ڪنٽرول وفاق حوالي ئي ٿيل آھي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ھجي يا صوبن جي وحدانيت تي وار ھجي پر سنڌ جو ماڻھو ان تي مزاحمت ڪري رھيو آھي.

وفاقي سرڪار نئين ترميم بابت سنڌ حڪومت سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي جو دورو ڪيو، جتي سي اي او ٽرانس ڪراچي زبير چنه، انجنيئرز، ڪنسلٽنٽس ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ ساڻس گڏ موجود هئا۔ ريڊ لائن بي آر ٽي اختيارين پاران سينيئر وزير کي منصوبي تي جاري ڪم ۽ پيش رفت بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مڪس ٽريفڪ لين تي تعميراتي ڪم ڏينهن ۽ رات ٻنهي وقتن ۾ لاڳيتو جاري آهي، جڏهن ته لاٽ ٽو تي ايف ڊبليو او انتهائي تيزي ۽ مستعدي سان ڪم ڪري رهي آهي۔ هن چيو ته يونيورسٽي روڊ تي مڪس ٽريفڪ هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪي آهي، سڄي سنڌ ۾ وڏي پيماني تي ترقياتي سرگرميون جاري آهن ۽ ڪيترن ئي ميگا منصوبن تي تيزي سان ڪم هلي رهيو آهي۔ ڪراچي ۾ جديد طرز جي اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتالن، يونيورسٽين ۽ ٻين عوامي ڀلائي وارن منصوبن تي پڻ تيزي سان ڪم جاري آهي۔ هن چيو ته ڪجهه هنڌن تي ڪم ۾ وڌيڪ وقت لڳو، جنهن تي حڪومت معذرت خواه آهي، پر هي بي آر ٽي منصوبو مستقبل لاءِ هڪ ڊگهي مدي واري سهولت ثابت ٿيندو،سندس چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو سياست ۽ تنقيد ڪرڻ چاهين ٿا، اهي ڪندا رهن، پر حڪومت جي اولين ترجيح عوامي ترقياتي منصوبا آهن،حڪومت جي ڪوشش آهي ته بي آر ٽي بس سروس جلد کان جلد شروع ڪئي وڃي۔ هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڪافي نرمي اختيار ڪئي وئي آهي، پر جيڪڏهن ڪو ادارو يا فرد پنهنجا فرض انجام نه ڏيندو ته حڪومت ضروري ڪارروائي ڪندي۔منشيات بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نشو هڪ انتهائي خطرناڪ ۽ سنجيده نوعيت جو چئلينج آهي، جنهن کي بحيثيت قوم ايتري سنجيدگي سان نه ورتو ويو آهي جيترو وٺڻ گهرجي ها۔ هن چيو ته ان معاملي ۾ ڪيترائي وڏا نالا سامهون آيا آهن، پر هو ڪنهن جي تذليل يا ڪردارڪشي نٿا چاهين۔ سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهن ان کي تماشو بڻائي ڇڏين ٿا، جڏهن ته نشي جو اثر صرف هڪ فرد تي نه پر سڄي خاندان تي پوندو آهي۔ آئس، هيروئن ۽ ڪوڪين انتهائي خطرناڪ منشيات آهن، جن خلاف سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي،هن چيو ته نشي جا عادي ماڻهو، خاص طور ٻار، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ نٿا رهن، تنهن ڪري معاشري کي بچائڻ لاءِ ڊرگ ڊيلرز کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ ضروري آهي، اين ايف سي بابت هڪ سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڃا تائين اين ايف سي تي ڪا به رسمي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، جڏهن ته جڏهن اهڙي نوعيت جي باضابطه اڳڀرائي ٿيندي ته ان تي تفصيلي ڳالهه ڪئي ويندي۔ هن وڌيڪ چيو ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل تي هڪ لفٽ سلپ ٿي آهي، پر خوشقسمتي سان ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيوهوڏانهن شرجيل انعام ميمڻ، مڪاني ادارن واري صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه، وزيراعليٰ جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت معاون خصوصي ۽ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد شاهراهِ ڀٽو جو تفصيلي دورو ڪيو۔ ان موقعي تي کين منصوبي تي جاري ترقياتي ڪم ۽ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي۔بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شاهراهِ ڀٽو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪئي پئي وڃي ۽ 23 مئي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان جو افتتاح ڪندو۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجا سمورا واعدا پورا ڪري رهي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جا مخالف صرف پروپيگنڊا ۾ مصروف آهن۔ هڪ سوال جي جواب ۾ هن واضح ڪيو ته وفاقي حڪومت طرفان ڪنهن به نئين آئيني ترميم بابت هن وقت تائين سنڌ حڪومت سان ڪو رابطو ناهي ڪيو، ۽ عوام کي افواهن تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي۔هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي سياست عملي طور تي ختم ٿي چڪي آهي هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن مولانا فضل الرحمان کي هڪ سينئر سياستدان قرار ڏيندي چيو ته سياسي جماعتن جو پاڻ ۾ رابطو ۽ ڳالهه ٻولهه انهن جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي، پر چونڊن ۾ پيپلز پارٽي خلاف ٺهندڙ اتحاد کي هميشه شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو۔

18ھين ترميم سميت اين ايف سي ايوارڊ سان ھٿ چراند قبول نه ڪبي:ڪاشف شيخ

ڪراچي /لاڙڪاڻو(پ ر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته اين ايف سي ايوارڊ سميت 18ھين ترميم سان ھٿ چراند صوبن جي حقن تي ڌاڙو ھوندو، آءِ ايم ايف جي دٻاءُ تي بجيٽ ۾ 860ارب جي اضافي ٽيڪس، پيٽرول ڊيزل تي سبسڊي ختم توڙي بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ سميت 11شرط لاڳو ڪرڻ عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آھي. فارم 47 ذريعي مسلط ڪيل حڪمرانن عملي طور ملڪ کي مالياتي ادارن جو غلام، عوام کي گروي ۽ آمريڪا جي ڪالوني بڻائي ڇڏيو آھي. پيپلزپارٽيءَ جي نا اھلي ، اختيار ھيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ بدران سڀئي اختيار پاڻ وٽ رکڻ سان وفاق کي ڳالھائڻ جو موقعو ملي رھيو آھي. پ پ سنڌ جو ڪيس وڙھڻ بدران پنھنجا مفاد پورا ڪرڻ لاء پاڻي تي ڌاڙي ،زمينن جي والار کان وٺي ڪينجھر جي ڪور تائين سنڌ جي حقن جي سودي بازي ڪئي آھي. ملڪ ۽ قوم کي بحرانن مان ڪڍڻ جو واحد حل نئون نظام ۽ نئين قيادت آھي. حافظ نعيم الرحمٰن جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي بدلايو نظام تحريڪ وقت جو آواز آھي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ جماعت اسلامي طرفان بدلايو نظام کي سنواريو سنڌ کي ميمبر شپ ڊرائيو ڪيمپ جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ضلعي امير ايڊووڪيٽ نادر علي کوسو ، مقامي امير رميز راجا شيخ سميت ٻيا اڳواڻ پڻ ھن موقعي تي موجود ھئا.

پ پ تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ”پنڪي پراجيڪٽ“ آندو ويو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر تجزئي نگار نجم سيٺي چيو آهي ته پنڪي پراجيڪٽ عمران خان لاءِ ناهي،پ پ کي 28هين ترميم تي ووٽ ڏيڻ لاءِ دٻاءُ طور آندو ويو آهي،توهان ڏٺو هوندو ته سينيٽر فيصل واوڊا کي به سرگرم ڪيو ويو آهي،صدر زرداري چاهي ٿو ته 28هين ترميم جي بدلي ۾ کيس ڪجهه ڏنو وڃي پر اسٽيبلشمينٽ ان تي تيار ناهي،هن چيو ته ن ليگ جو گراف ڪري رهيو آهي،ميان صاحب پريشان آهي،نوازشريف ته پهرين ڏينهن کان آءِ ايم ايف جي خلاف آهي پر مجبوري آهي،هن ان معاملي تي مفتاح اسماعيل کي به ناڻي وزارت تان هٽايو هو پر هاڻي پنهنجي ڀاءُ شهبازشريف کي نٿو هٽائي سگهي،هن چيو ته بلاول پنهنجي پارٽي اڳواڻ تي ڪاوڙ لاهي اصل ۾ ڪنهن کي پيغام ڏيڻ چاهي پيو ته اسان ناراض آهيون،هن وقت ڳالهيون ترميم جون ٿي رهيون آهن ۽ مون کان ته ڪنهن پڇيو ئي ناهي،هن چيو ته هن وقت 2 ڪروڙ 47 لک جي ويجهو پي ٽي آءِ جا سپورٽر ۽ ووٽر اهڙا آهن جن جي عمر 18 کان 25 سالن جي وچ ۾ آهي،انهن جو اهو خيال آهي ته جيڪڏهن ووٽر جي عمر 21 يا 25 سال ڪئي وڃي ته پي ٽي آءِ جا لکين ووٽر گهٽ ٿي ويندا،هن چيو ته فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ 18 سال جي عمر ۾ ڀرتي ٿي سگهو ٿاپر اسنا جي ملڪ ۾ 18 سالن جي عمر ۾ ووٽ نٿا ڏئي سگهو،ڇو ته 18 سال وارا وڌيڪ پي ٽي آءِ جا ووٽر ئي آهن

پ پ 28هين ترميم وسيلي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ لاءِ تيار آهي:وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي سربراهه قائد انقلاب رسول بخش پليجي صاحب جي اٺين ورسي جي تياري ڪميٽي جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت هيٺ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ورسي جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. مختلف ڪميٽين ورسي تيارين جي رپورٽ پيش ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ وسند ٿري چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کي فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندي هن چيو ته هي ٻئي ٻوڏن وارا ڪئنال آهن، سنڌ ۾ هن وقت فصلن لاءِ پاڻي ڪونهي، ٻيجارو سڪي رهيو آهي، فوري طور پنجاب جا فلڊ ڪئنال بند ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. امڪاني 28هين آئيني ترميم کي سنڌ خلاف سازش قرار ڏيندي هن چيو ته پيپلز پارٽي امڪاني 28هين ترميم وسيلي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، وسند ٿري وڌيڪ چيو ته حڪمرانن مهانگائي ڪري عوام کي نپوڙي ڇڏيو آهي، بک سبب سنڌ ۾ هزارين مائرون ويم دوران فوت ٿي رهيون آهن، اجلاس ۾ نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عمراه سمون، اظھار دائود پوٽو، ايڊووڪيٽ مير پرويز دائود پوٽو، ڪائنات ھاليپوٽو، درياه خان زئور، لال جروار، اسماعيل خاصخيلي، عبدالقادر رانٽو، ڪائنات ڏاهري، سرمد سائينداد خاصخيلي، سرمد راڄپر، انور رند ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا.

ووٽر جي عمر وڌائڻ جو سبب عمران خان جي مقبوليت؟

اسلام آباد(سعيد بلوچ ) عمران خان سياسي طور اسٽيبلشمينٽ تي وڏي برتري حاصل ڪري چڪو آهي، ۽ هاڻي حڪومتي ۽ طاقتور حلقا سندس وڌندڙ عوامي مقبوليت کان پريشان آهن، 20 سيپٽمبر 2025ع تي چونڊ ڪميشن جا ووٽر انگ اکر سامهون آيا هئا، جن مان ظاهر ٿيو ته ملڪ ۾ نوان ووٽر تيزي سان شامل ٿي رهيا آهن، ۽ انهن مان وڏي اڪثريت نوجوانن جي آهي، جيڪي عمران خان جي حمايت ڪن ٿا۔ سندس خيال موجب هر روز هزارين نوان ووٽر شامل ٿين ٿا ۽ انهن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ عمران خان جا حامي آهن۔عمران خان جي مقبوليت هاڻي عمر، برادري، صوبي يا شهر جي حدن کان به مٿي نڪري وئي آهي۔ ان مقبوليت کي روڪڻ لاءِ ڪجهه حلقا ووٽ جي عمر 18 سالن کان وڌائي 25 سال ڪرڻ جون تجويزون ڏئي رهيا آهن، جيئن نوجوان ووٽرن جو اثر گهٽجي سگهي۔ هن حوالي سان رانا ثناء الله جو بيان به ذڪر ڪيو ويو، جنهن ۾ هن ووٽ ڏيڻ جي عمر وڌائڻ بابت خيال ظاهر ڪيو۔مبصر سوال اٿاري ٿو ته جيڪڏهن 17 يا 18 سالن جا نوجوان فوج يا پوليس ۾ ڀرتي ٿي ملڪ لاءِ جان ڏئي سگهن ٿا، ته پوءِ ووٽ ڏيڻ لاءِ 25 سالن جي شرط ڇو رکڻ چاهي پئي وڃي؟ سندس خيال ۾ هي رڳو سياسي حڪمت عملي آهي ته جيئن عمران خان جي ووٽ بئنڪ کي گهٽايو وڃي۔جيڪڏهن ووٽ جي عمر وڌائي وئي ته به عمران خان جي مقبوليت گهٽ نه ٿيندي،

80 سيڪڙو ملڪن ۾ ووٽر جي عمر 18 سال آهي

لاهور( اجمل جامي) حڪومت جي هڪ پراڻي خواهش هاڻي سامهون اچي رهي آهي ڇا ووٽ ڏيڻ جي عمر 18 سال مان وڌائي 25 سال ڪئي وڃي؟ اهو خيال گهڻي وقت کان فيصلو ڪندڙ حلقن ۾ موجود هو، خاص طور تي نوجوان ووٽرن جي وڌندڙ سياسي اثر کي روڪڻ لاءِ، جيڪو پاڪستان تحريڪ انصاف سان جڙيل سمجهيو وڃي ٿو۔راڻا ثناءُ الله ۽ سليم صافي جي پروگرام ۾ به اهو معاملو سامهون آيو آهي، جتي ٻڌايو ويو ته 28هين آئيني ترميم تي به ڪم ٿي رهيو آهي، ۽ ان ۾ ووٽ جي عمر بابت تجويز شامل ٿي سگهي ٿي۔ڇا دنيا ۾ واقعي ووٽ ڏيڻ جي عمر 25 سال آهي؟ ۽ جيڪڏهن نوجوان 18 يا 19 سالن ۾ فوج، پوليس، ڊاڪٽر، انجنيئر يا آفيسر ٿي سگهي ٿو، ته پوءِ ووٽ ڏيڻ جو حق ڇو نه؟ فوج ۾ نوجوان 18 سالن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو سي ايس ايس ۽ ٻيا امتحان 21–22 سالن ۾ پاس ٿين ٿا جج، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر به گهٽ عمر ۾ ڪم شروع ڪن ٿا ته پوءِ ووٽ ڏيڻ جي عمر وڌائڻ کي هو غير منطقي سمجهي ٿو۔هو وڌيڪ چوي ٿو ته دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ ووٽر جي عمر 18 سال آهي، ۽ ڪجهه ملڪن جهڙوڪ گڏيل عرب امارات، عمان، ڪويت ۽ لبنان ۾ اها 21 سال تائين آهي، پر عالمي سطح تي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ملڪن ۾ ووٽ جي عمر 18 سال مقرر آهي۔پاڪستان ۾ نوجوان آبادي تمام وڏي آهي، ۽ تقريباً 70 سيڪڙو ووٽر 18 کان 45 سالن جي عمر وارا آهن، تنهنڪري عمر وڌائڻ سان سياسي نتيجا تبديل نه ٿيندا۔اسلام آباد ۾ ڪجهه حلقا صدارتي نظام بابت به ڳالهه ڪن ٿا، پر پاڪستان ۾ پارلياماني نظام تي ئي گهڻو اتفاق آهي، هر ڪجهه مهينن کان پوءِ اسلام آباد ۾ مختلف “پلان” ۽ قياس آرائيون شروع ٿي وڃن ٿيون، پر اڳوڻا صدارتي تجربا (ايوب خان، ضياءُ الحق، پرويز مشرف) اڳ ئي ڏٺا ويا آهن، تنهنڪري ملڪ آخرڪار وري پارلياماني نظام ڏانهن موٽي ٿو۔نوجوان ڪنهن به سياسي تبديلي کان متاثر نه ٿيندا، ڇو ته اصل مسئلو روزگار، معيشت، صحت ۽ رياستي سهولتون آهن۔جڏهن معيشت بهتر هوندي روزگار موجود هوندو ۽ حڪومت سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندي ته پوءِ عوام پاڻ ئي سياسي فيصلا بدلائيندو۔

صدارتي نظام بابت افواهه، فيلڊ مارشل خلاف سازش؟

اسلام آباد(عمران شفقت)فيلڊ مارشل بابت هن وقت مختلف قسم جا افواهه ۽ ڳالهيون هلن پيون، جيڪي کليل طور تي بيان نٿيون ڪري سگهجن۔ انهن ڳالهين جي سچائي به واضح ناهي، ۽ گهڻيون ڳالهيون بي بنياد ٿي سگهن ٿيون، اڃا تائين ڪنهن به واضح طور تي آرمي چيف بابت ڪو به مضبوط دعويٰ يا تصديق ٿيل ڳالهه ناهي ڪئي ته هو پاڻ اهڙيون سياسي تبديليون چاهي ٿوڪجهه حلقا اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته ملڪ ۾ آئيني تبديليون يا نئون سياسي نظام اچي سگهي ٿو، جهڙوڪ صدارتي نظام يا انتظامي ڍانچي ۾ وڏيون تبديليون، پر انهن سڀني ڳالهين کي افواهه قرار ڏنو پيو وڃي، ڪجهه ماڻهن طرفان ووٽ ڏيڻ جي عمر 18 سال کان وڌائي 25 سال ڪرڻ جي تجويز به بحث هيٺ آئي آهي، جيڪا تڪراري موضوع آهي،جيڪڏهن 18 يا 17 سالن جو نوجوان فوج يا پوليس ۾ ڀرتي ٿي سگهي ٿو ۽ ملڪ لاءِ جان ڏئي سگهي ٿو، ته پوءِ کيس ووٽ ڏيڻ جو حق ڇو نه هجڻ گهرجي؟ اها ڳالهه غير منصفاڻي آهي،ڪجهه تجويزون صرف سياسي مقصدن لاءِ آنديون پيون وڃن، خاص طور تي ڪنهن مخصوص سياسي جماعت جي ووٽ بئنڪ کي متاثر ڪرڻ لاءِ، پر ان سان اصل سياسي صورتحال ۾ ڪا وڏي تبديلي نٿي اچي سگهي،اصل حقيقت اها آهي ته ادارا ۽ حڪومتون ملڪ جي استحڪام لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، ۽ غير يقيني افواهه ملڪ لاءِ نقصانڪار آهن۔

بهتر حڪمراني لاءِ سڌارا ضروري آهن،سنڌ جي ورهاست قبول نه ڪنداسين:جي ڊي اي

ڪراچي(رپورٽر )گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي سربراهه پير صاحب پاڳاري جي صدارت هيٺ جي ڊي اي جو اهم مشاورتي اجلاس راجا هائوس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال سميت اهم قومي ۽ صوبائي معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ پير سيد صدرالدين شاهه راشدي، غلام مرتضيٰ جتوئي، سيد محمد راشد شاهه، سيد محمد اسماعيل شاهه، ڊاڪٽر صفدر عباسي، اياز لطيف پليجو، سيد زين شاهه، سائرہ بانو، سردار عبد الرحيم، معظم خان عباسي، حسنين مرزا، نند ڪمار گوڪلاني، سيد شفقت شاهه ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران سنڌ ۾ منشيات جي وڌندڙ استعمال ۽ اسمگلنگ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو۔ اڳواڻن چيو ته صوبائي حڪومت مبينا طور منشيات جي ڪاروبار ۾ شامل هجڻ سبب منشيات جي خاتمي ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري نوجوان نسل تباهي جي ڪناري تي پهچي وئي آهي۔ اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته منشيات فروشن ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙ عنصرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي۔ مڪاني حڪومتن جي نظام بابت ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ حقيقي بلدياتي نظام موجود ناهي ۽ اختيار هيٺين سطح تائين منتقل نه ٿيڻ سبب عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهن،اجلاس ۾ آئين جي آرٽيڪل 140-اي تحت بااختيار بلدياتي نظام قائم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو۔ اجلاس ۾ سنڌ جي انتظامي ورهاست، نون ڊويزنن ۽ انتظامي يونٽن جي قيام بابت معاملن تي پڻ خيال ونڊيا ويا۔ اڳواڻن چيو ته بهتر حڪمراني ۽ عوامي سهولتن لاءِ انتظامي ڍانچي ۾ سڌارا ضروري آهن، پر سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي۔ وفاقي حڪومت جي ادارن ۾ رائيٽ سائيزنگ بابت ڳالهائيندي اجلاس ۾ چيو ويو ته سرڪاري ادارن جا غير ضروري خرچ گهٽائي قومي وسيلن کي مؤثر انداز ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته ملازمن جي حقن جو مڪمل تحفظ پڻ يقيني بڻايو وڃي۔ ڪراچي ۽ گوادر جي اسٽريٽجڪ، معاشي ۽ تجارتي اهميت تي پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪراچي ملڪ جي معيشت جي شهه رڳ آهي، جڏهن ته گوادر مستقبل ۾ علائقائي واپار جو اهم مرڪز بڻجي سگهي ٿو، تنهن ڪري ٻنهي شهرن ۾ انفراسٽرڪچر، امن امان ۽ سيڙپڪاري جا موقعا بهتر بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي،اجلاس جي پڄاڻي تي ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته جي ڊي اي سنڌ جي عوام جي حقن، جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ صوبي جي وسيلن جي تحفظ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي۔

پاڪستان ۾ “تبديلي” هاڻي رڳو هڪ لفظ بڻجي چڪي آهي:شبر زيدي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران هو سخت دٻاءَ ۾ هئا ۽ جيڪي سڌارا آڻڻ چاهيندا هئا، اهي مڪمل نه ٿي سگهيا۔ميڊيا سان ڳالهائيندي شبر زيدي ٻڌايو ته هن پراپرٽي ويليويشن ٽيبلز ۾ تبديليون، واپارين جي رجسٽريشن ۽ بئنڪ ٽرانزيڪشنز کي ٽيڪس نظام سان ڳنڍڻ جون ڪوششون ڪيون هيون، پر انهن قدمن تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو۔هن چيو ته هن ايف بي آر مان 10 کان 15 هزار ملازمن کي فارغ ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، ڇو ته ايتري وڏي عملي جي ضرورت نه هئي، پر اهي تجويزون به عملي صورت اختيار نه ڪري سگهيون۔شبر زيدي موجب هو پنهنجي گهرڀاتين جي مشوري تي ڪراچي واپس آيو، جڏهن ته عمران خان کيس ٻيهر ايف بي آر ۾ اچڻ لاءِ زور ڀريو۔ هن چيو ته جڏهن هو واپس ويو ته ساڳيو پراڻو نظام ڏسي سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ ٻيهر ڪراچي موٽي آيو هن چيو ته پاڪستان ۾ “تبديلي” هاڻي رڳو هڪ لفظ بڻجي چڪي آهي۔ شبر زيدي وڌيڪ چيو ته پاڪستان اڃا تائين جي ڊي پي جي حساب سان صرف 10 سيڪڙو ٽيڪس گڏ ڪري رهيو آهي ۽ حڪومت جي سڀ کان وڏي ناڪامي مؤثر ٽيڪس وصولي نه هجڻ آهي۔هن اهو به چيو ته ايف بي آر کي گرفتاري جا اختيار نه هجڻ گهرجن، ڇو ته جيترا وڌيڪ اختيار هوندا، اوتري وڌيڪ ڪرپشن وڌندي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.