محبت واهه جي پوڇڙي وارن آبادگارن جي دانھن ورنايو 

 ايڊووڪيٽ عبدالسلام سومرو 

  اٽڪل ٻه ڏهاڪا کن اڳ محبت واهه ۾ پاڻي ڪافي مقدار ۾ هوندو هو ۽ اهو آساني سان 22 واٽر ڪورس پنهنجي پڇاڙي تائين هلائيندو هو. پر ڪجھه بااثر ماڻهن محبت واهه مان وڌيڪ وڏا واٽر ڪورس، ڪڍي ورتا جنهن محبت واهه جي پوڇڙي وارن آبادگارن تائين پاڻي نٿو پهچي.

هاڻي سوال اهو آهي ته جڏهن محبت واهه جي گنجائش صرف 22 واٽر ڪورس جي هئي، ته پوءِ اهو 44 واٽر ڪورس ڪيئن برداشت ڪري سگهي ٿو؟ انهن اضافي واٽر ڪورس ذريعي مٿئين حصي مان سمورو پاڻي کڻي ورتو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ محبت واهه پنهنجي اصل 22 واٽر ڪورس، جيڪي واهه جي پوڇڙي تائين هئا، تن کي پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو ۽ نتيجي طور هزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي وئي. ايريگيشن عملي جي نااهلي سبب انھن غير قانوني واٽر ڪورس خلاف ڪو مؤثر قدم نه کنيو ويو، ۽ نه ئي محبت واهه جي مناسب سار سنڀال ڪئي وئي. وقت سر کاٽي نه ٿيڻ سبب به مسئلا وڌيڪ سنگين بڻجي ويا. تڪ جي چونڊيل نمائندن پڻ هن اهم مسئلي بابت ڪو سنجيده نوٽيس نه ورتو. نتيجي طور 15 هزار ايڪٽر زرعي زمين بنجر ٿي وئي آهي، جڏھن ⁠ته لڳ ڀڳ 50 هزار خاندان بک، بيروزگاري ۽ بدحالي جو شڪار بڻجي ويا آهن .

اسان جي سنڌ جي وڏي وزير، آبپاشي واري وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي گذارش آهي ته محبت واهه جي پوڇڙي وارن آبادگارن جي دانھن ٻڌي وڃي ۽ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي وڃي ۽ آبادگارن جي بيچيني ۽ پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.