هر سال 17 مئي تي بلڊ پريشر جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد عوام ۾ هن مرض بابت آگهي پکيڙڻ هوندي آهي.
رپورٽ موجب هاءِ بلڊ پريشر ان لاءِ خطرناڪ هوندو آهي ته اڪثر ماڻهو ان کان لاعلم هوندا آهن ته کين اهڙي بيماري آهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته هاءِ بلڊ پريشر بابت ان وقت ڄاڻ ملندي آهي جڏهن ان جي شدت وڌي ويندي آهي. پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن کي اها ڄاڻ ناهي هوندي ته صحتمند ماڻهوءَ جو بلڊ پريشر ڪيترو هجڻ گهرجي.
بلڊ پريشر کي جاچڻ جا ٻه پاسا هوندا آهن هڪ سسٽالڪ ٻيو ڊائسٽالڪ هوندو آهي. اهي نمبر اهم هوندا آهن ڇاڪاڻ ته هر 20 ڊائسٽالڪ بلڊ پريشر ۾ 10 نمبر وڌڻ سان ڪنهن به فرد کي هارٽ اٽيڪ يا فالج سان موت جو خطرو ٻيڙون ٿي ويندو آهي. ڪجهه سال اڳ تائين 140/90 ايم ايم ايچ جي کان گهٽ بلڊ پريشر کي ڊاڪٽرن پاران صحتمند يا نارمل قرار ڏنو ويندو هو. پر تازو آمريڪن هارٽ ايسوسي ايشن پاران ڪجهه عرصو اڳ بلڊ پريشر جي چارٽ ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. هن نئين چارٽ موجب هڪ صحتمند ماڻهوءَ جو بلڊ پريشر 120/80 ايم ايم ايچ جي گهٽ هجڻ گهرجي.
جيئن ڪنهن ماڻهو جو بلڊ پريشر 80/130 تائين پهچي ويو ته اهو سمجهڻ گهرجي ته ان سان هاءِ بلڊ پريشر جي بيماري شروع ٿي سگهي ٿي. جيئن اهي نمبر 120/180 کان وڌيڪ هجن ته ان جو مطلب آهي ته توهان شديد خطري ۾ آهيو.اهو هاءِ بلڊ پريشر جو اهو مرحلو آهي جڏهن مريض کي طبي مدد جي ضرورت هوندي آهي خاص ڪري جڏهن هر ڀيري هاءِ بلڊ پريشر جي ريڊنگ اها اچي.