ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچيءِ ۾ اڄ به موسم شديد گرم رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب هن وقت فضا ۾ نمي 69 سيڪڙو آهي، شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي سگهي ٿو جڏهن ته گرمي جي شدت 43 کان 46 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪئي ويندي.
موسميات کاتي موجب شهر جو موجوده گرمي پد 29 ڊگري سينٽي گريڊ آهي، اولهندي کان هوائون 19 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.
موسميات کاتي موجب خبيرپختونخوا ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وسڪاري جو امڪان آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سڀ کان وڌيڪ سبيءَ ۾گرمي پد 46 ڊگري ۽ دادو ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.