اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر مهانگائي وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 7 سيڪڙو تائين ويندي.
ڪراچي چيمبر کي خطاب ڪندي جميل احمد چيو ته هلندڙ مالي سال جي 9 مهينن دوران معاشي واڌ جي شرح 3.7 سيڪڙو رهي، جڏهن ته مهانگائي وڌڻ جي شرح 7 سيڪڙو تائين ويندي.
هن چيو ته ايندڙ سال جي ٻي ڇهه ماهي ۾ مهانگائي گهٽجڻ شروع ٿيندي، جڏهن ته جون 2028ع تائين ايس ايم ايز فنانسنگ کي 1500 ارب رپين تائين کڻي وينداسين.
اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر موجب، قرضن جو ڪاٿو به وڌايو ويو آهي، جنهن ۾ اندروني قرض وڌيو آهي ۽ ٻاهريون قرض گهٽايو ويو آهي، برآمدات گهٽجڻ جو سبب عالمي حالتون آهن ۽ هلندڙ مالي سال جا برآمدي هدف 2 ارب رپيا گهٽ آهن.
هن وڌيڪ چيو ته نون نوٽن تي ڪم جاري آهي ۽ حڪومت وٽان منظوري وارو عمل به هلي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.