تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزيشڪيان آمريڪي فوجي حملن خلاف موقف اختيار ڪرڻ تي پوپ ليو جا ٿورا مڃيا آهن.
ايراني صدر مسعود پزيشڪيان تازو ئي آمريڪي فوجي حملن خلاف موقف اختيار ڪرڻ تي پوپ ليو جو شڪريو ادا ڪيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، صدر پزيشڪيان چيو ته پوپ ليو آمريڪي حملن خلاف اخلاقي، منطقي ۽ منصفاڻو موقف اختيار ڪيو.
ايراني صدر جو چوڻ هو ته اهي حملا ان وقت ڪيا ويا جڏهن تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون هيون.