28 هين ترميم سياسي گرمي وڌائي ڇڏي، رياستي ڍانچي ۾ وڏي تبديلي جو امڪان

اسلام آباد(عمران شفقت) 28هين آئيني ترميم جي گونج ۽ وفاقي اڪاين جي نئين حدبندين سان لاڳاپيل مباحث سياسي فضا ۾ هڪ غير يقيني پر فيصلائتي تبديلي جو تاثر پيدا ڪري ڇڏيو آهي، سوال اهو آهي ته ڇا هي سڀ رڳو سياسي بساط تي مهرن کي هلاڻ جي هڪ عارضي مشق آهي يا رياست واقعي ڪنهن وڏي ڍانچائي تبديلي ڏانهن وڌي رهي آهي، ۽ ڇا سياسي قيادت پنهنجي اندروني ڇڪتاڻ ۽ باهمي اختلافن مان نڪري وفاق جي ڪمزور ٿيندڙ ٿنڀن کي سهارو ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هاڻوڪي پريس ڪانفرنس ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ شازيه مري جي وچ ۾ ٿيندڙ مڪالمو هن بدلجندڙ سياسي نفسيات جي هڪ جھلڪ طور سامهون آيو جتي هڪ پاسي ان کي قيادت اندر نظم و ضبط قائم ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو پيو وڃي ته ٻي پاسي ان کي سياسي اخلاقيات جي خلاف رويو پڻ چيو پيو وڃي، ماضي ۾ مخالفانه نعرن کي برداشت ڪندڙ بلاول جو هي سخت لهجو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته پارٽي اندر ڪنٽرول ۽ اختيار جي اظهار جو انداز تبديل ٿي رهيو آهي، تنهن هوندي به هڪ سينيئر عورت اڳواڻ کي سرِعام ٽوڪڻ جو عمل جمهوري قدرن تي سوال به اٿاري ٿو ۽ اهو ئي رويو هن بحث کي جنم ڏئي ٿو ته جڏهن قيادت جو لهجو سخت ۽ آمرانه ٿي وڃي ته جمهوري روايتون ڪمزور ٿيڻ لڳن ٿيون، انهي دوران آئيني راهدارين ۾ 28هين ترميم جو چرچو رڳو افواهن تائين محدود نه رهيو پر ان کي هڪ ممڪن آئيني پيش رفت طور ڏٺو پيو وڃي، جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي ان جي ڪنهن باضابطه مسودي کان لاعلمي ظاهر ڪري رهي آهي پر مبصرن جي نظر ۾ اهو هڪ ’ٽيسٽ بيلون‘ ٿي سگهي ٿو جنهن ذريعي سياسي جماعتن ۽ عوامي ردعمل کي پرکيو پيو وڃي، پيپلز پارٽي طرفان هن سلسلي ۾ واضح شرطون پڻ سامهون آيون آهن جن ۾ عوامي سطح تي بحث، سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ۽ 18هين ترميم جي تحفظ کي بنيادي حيثيت حاصل آهي، ٻي طرف نون صوبن جي قيام بابت بحث انتظامي ضرورت ۽ لساني سڃاڻپ جي وچ ۾ الجهيل نظر اچي ٿي جتي پنجاب جي وسيع آبادي ۽ جاگرافيائي پکيڙ ان جي ورهاست جي حق ۾ دليل فراهم ڪري ٿي جڏهن ته سنڌ ۾ هي معاملو تاريخي، سماجي ۽ لساني حساسيت اختيار ڪري چڪو آهي، تجزيه ڪارن موجب وفاق جي مضبوطي لاءِ انتظامي بنيادن تي نوان صوبا ناگزير ٿي سگهن ٿا پر ان جي متبادل طور سرڪٽ بينچز جهڙا قدم به نظرانداز ڪيا پيا وڃن، هن سموري بحث ۾ رياستي ڍانچي اندر موجود نسلي توازن ۽ ان سان جڙيل احساسِ محرومي جا عنصر به هڪ اهم پهلو طور سامهون اچي رهيا آهن جيڪي وفاقي هم آهنگي تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا، انهي تناظر ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۽ وفاقي معاشي پاليسين تي به سوال اٿيا پيا وڃن جتي مرڪز پنهنجي مالي مشڪلاتن جي حل لاءِ صوبن جي حصي ۾ ڪٽوتي کي هڪ آسان رستو سمجهي رهيو آهي جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اهو اڃا تائين انهن کاتن تي وڏا خرچ ڪري رهيو آهي جيڪي آئيني طور صوبن کي منتقل ٿي چڪا آهن، هي تضاد هڪ اهڙي ’جگاڙ معيشت‘ جي عڪاسي ڪري ٿو جتي رياست پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ بدران وسيلن جي ٻيهر ورڇ ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، وڌيڪ اهو ته سياسي ميدان ۾ گنجائش سکڙندي پئي وڃي ۽ وڏين جماعتن کي مخصوص جاگرافيائي حدن تائين محدود ڪرڻ جو تاثر مضبوط ٿي رهيو آهي، تجزيه ڪار ان کي هڪ منظم ’ڪردار ڪشي‘ مهم قرار ڏين ٿا جنهن ذريعي سياسي قيادت کي عوامي سطح تي ڪمزور ڪيو پيو وڃي، هن عمل جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ سياسي خال جمهوري نظام لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو  چاهي معاملو 28هين ترميم جو هجي يا نون صوبن جي قيام جو، جيستائين اختيارن جي حقيقي هيٺين سطح تائين منتقلي ممڪن نه ٿيندي، سياسي استحڪام هڪ خواب ئي رهندو، هاڻي اصل سوال اهو ئي آهي ته ڇا سياسي قيادت پنهنجي انا ۽ اندروني اختلافن کان بالاتر ٿي وفاق کي بچائڻ لاءِ ڪو ٺوس قدم کڻي سگهندي يا ملڪ ساڳي طرح افواهن، آزمائشي پاليسين ۽ مسلسل عدم استحڪام جي ڪن ۾ ڦاٿل رهندو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.