فائبر، جنهن کي غذائي ريشو به چيو ويندو آهي، انساني جسم لاءِ وڏو ضروري آهي جيڪو هاضمي جي بهتري کان وٺي وزن ۾ گهٽتائي، بلڊ شوگر ڪنٽرول ۽ ڪيترين ئي بيمارين کان تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ اهم آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب فائبر هاضمي جي نظام کي بهتر بڻائيندو آهي، آنڊن جي حرڪت منظم رکندو آهي ۽ قبضي جهڙين بيمارين کان بچائيندو آهي. انکانسواءِ فائبر کائڻ سان پيٽ ڀرجڻ جو احساس ٿيندو آهي جنهن سان گهڻو کائڻ جي خوهش گهٽ ٿيندي آهي ۽ وزن متوازن رهندو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته فائبر رت ۾ شُگر جي سطح کي مستحڪم رکڻ ۾ سهڪاري آهي، جيڪو شگر جي مريضن لاءِ اهم آهي. ان کانسواءِ فائبر ڪوليسٽرول کي گهٽائي دل جي بيمارين کان خطرا گهٽائيندو آهي.
بالغ ماڻهن لاءِ روزانو 25 کان 30 گرام فائبر جو استعمال تجويز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اها مقدار عمر، جنس ۽ صحت موجب مختلف ٿي سگهي ٿي.
فائبر سان ڀريل کاڌن ۾ سبزيون، ميوا، داليون ۽ ٻج شامل آهن. ماهرن مشورو ڏنو آهي ته ميون ۽ سبزين کي کلُن سميت کائڻ گهرجي جڏهن ته نيراني ۾ دليو يا اٽي جي ماني کائڻ گهرجي.