راجو هيراڻيءَ ” ٿري ايڊيٽس“ جي ڪهاڻي بدلائي ڇڏي، نئين حصي ۾ چوٿين ”ايڊيٽ“ جي انٽري

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور فلم ”ٿري ايڊيٽس“ جي سيڪوئل بابت تفصيل سامهون آيا آهن. جنهن مداحن ۾نئون جوش پيدا ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب هن ڀيري ڪهاڻي روايتي تسلسل جي بجاءِ هڪ وڏي ٽائيم جمپ ۽ نئين رخ سان پيش ڪئي ويندي.

رپورٽس موجب فلم جي مرڪزي ڪردارن جي زندگين جي هڪ نئين دور کي ڏيکاريو ويندو، جڏهن ته ان ۾ اصل فلم جي جذباتي گهرائي ۽ پراڻي انداز کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

رپورٽس ۾ دعوا ڪئي وئي آهي ته سپر اسٽار عامر خان هن پراجيڪٽ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، فلم جي هدايتڪاري راجڪمار هيراڻي سنڀالي رهيو آهي جڏهن ته هن فلم ۾ اداڪار وڪي ڪوشل کي به شامل ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ”ٿري ايڊيٽس“ بالي ووڊ جي متاثر ڪندڙ فلمن مان هڪ تصور ڪئي ويندي آهي جنهن نوجوانن ۽ ڀارت ۾ تعليمي نظام کي وائکو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.