پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

سلهٽ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کان سلهٽ ۾ شروع ٿيندي.
پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شاندار فتح کانپوءِ ميزبان بنگلاديش جا حوصلا بلند آهن، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم پنهنجو وڃايل اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ميدان تي لهندي.
پاڪستاني ٽيم لاءِ سٺي خبر اها آهي ته اڳوڻو ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم ڳوڏي جي تڪليف مان ڇوٽڪارو ماڻڻ کانپوءِ ٽيم ۾ واپس اچي ويو آهي، جنهن سان بيٽنگ لائن کي مضبوطي ملندي.
ذريعن موجب، ٻي ٽيسٽ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ ڪجهه اهم تبديليون ڪيون وينديون، جنهن ۾ فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي کي آرام ڏئي سندن جاءِ تي خرم شهزاد کي شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته امام الحق جي جاءِ تي ڪپتان شان مسعود اوپننگ ڪندو.
ٻئي پاسي، بنگلاديش جي ٽيم هن وقت پنهنجي فاسٽ بالر ناهيد رانا جي شاندار فارم جي ڪري مضبوط پوزيشن ۾ آهي، جنهن پهرين ميچ ۾ پنج وڪيٽون ورتيون هيون.
بنگلاديش ٻي ميچ کٽي ته اِها پاڪستان کي لاڳيتو چئن ٽيسٽ ميچن ۾ شڪست ڏيڻ جو نئون رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري وٺندي، بنگلاديش 2024 ۾ به پاڪستان کي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 تان شڪست ڏني هئي.
هوڏانهن ميچ دوران برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، بنگلاديش جي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سلهٽ ۾ شروعاتي ڏينهن دوران تيز برسات جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.