نئين تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته ڪم جو ماحول خراب هجڻ سان صحت تي ناڪارا اثر ٿيندا آهن جڏهن ته دير تائين ڪم ڪرڻ سان ٿولهه جا خطرا به وڌي وڃن ٿا.
ماهرن موجب آفيس جي ڪُرسي تي گهڻي دير وهڻ سان ورزش لاءِ گهٽ وقت بچندو آهي. رپورٽ موجب ڊگها ڪلاڪ ڪم ڪرڻ سان ذهني دٻاءُ وڌندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو گهڻو کاڌو کائڻ لڳندا آهن جڏهن ته جسم ۾ ڪوليسٽرول هارمونز جي سطح به وڌي ويندي آهي، هي ٻئي عمل وزن وڌڻ سان ڳنڍيل آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جڏهن ماڻهن جي زندگي ۾ توازن هوندو آهي ته مجموعي طور تي انهن جي زندگي بهتر ٿي ويندي آهي.
تحقيق ۾ ثابت ٿيو ته آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪولمبيا جهڙن ملڪن ۾ (جتي سالانو ڪم جو وقت گهڻو هوندو آهي) اتي ٿولهه جو شڪار ماڻهن جو انگ به گهڻو آهي.
تحقيق ۾ سامهون آيو ته جيئن سالانو ڪم جي اوقات ۾ رڳو 1 سيڪڙو گهٽتائي ٿيئي ٿي ته ٿولهه جي شرح به 0.16 سيڪڙو گهٽ ٿيئي ٿي.
ان جو مطلب اهو ٿيو ته معمولي ڪم ۽ ٿورو گهڻو ذاتي وقت به صحت ۽ وزن تي اثر وجهي ٿو.