بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان اعتراف ڪيو آهي ته سندس مشهور فلم ”مين کلاڙي تو اناڙي“ اصل ۾ هالي ووڊ فلم ”دي هارڊ وي“ جي نقل هئي ۽ ان جا حق به حاصل نه ڪيا ويا.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب هڪ انٽرويو ۾ سيف علي خان ماضيءَ کي ياد ڪندي ٻڌايو ته 90 جي ڏهاڪي ۾ پهريون ڀيرو پوليس جو يونيفارم هڪ ڪاميڊي فلم ۾ پاتو هيو، جتي هو اهڙو ڪردار اداڪري رهيو هو جيڪو پوليس آفيسر جو رول سکڻ لاءِ اڪشي ڪمار سان وقت گذاريندو آهي.
سيف مُرڪندي ٻڌايو ته اها هڪ مزاحيا فلم هئي، جنهن کي هن هڪ آمريڪي فلم کان بنا حق حاصل ڪرڻ جي، ڪاپي ڪئي، اسان رڳو فلم کي کنيو ۽ ڪاپي ڪئي.
اداڪار ٻڌايو ته هڪ هدايتڪار کيس مشورو ڏنو هو ته پوليس آفيسر جو ڪردار ادا نه ڪري، ڇاڪاڻ ته هو اهڙي رول لاءِ ٺهڪندڙ ناهي.
سيف علي خان چيو ته کيس ڪيترو ئي وقت دل ۾ خوف هيو، ان وقت به جڏهن سيڪريڊ گيمز ۾ پوليس آفيسر جو ڪردار ادا ڪيو.
هن چيو ته کيس اهو لڳندو هو ته شايد پوليس واري جو ڪردار هن ڪڏهن صحيح ادا نه ڪيو آهي، پر گذرندڙ وقت سان هن پاڻ کي بهتر ڪيو.
سيف علي خان اڄ ڪلهه پنهنجي نئين فلم”ڪرتويا“ جي تيارين ۾ مصروف آهي.