ايران سان جنگ روڪڻ جي حق ۾ نه هئس، جنگ بندي ڪري پاڪستان تي ٿورو ڪيم: ٽرمپ

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان جنگ بندي اصل ۾ پاڪستان جي چوڻ تي ڪئي وئي آهي.
چين جي دوري تان واپسي تي ائيرفورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته ”اسان واقعي ٻين ملڪن جي درخواست تي جنگ بندي ڪئي، مان پاڻ ان جي حق ۾ نه هئس پر اسان اهو پاڪستان لاءِ هڪ ’فيور‘ طور ڪيو، هن پاڪستاني قيادت جي هڪ ڀيرو ٻيهر واکاڻ ڪندي چيو ته هو شاندار ماڻهو آهن.“
هڪ سوال جي جواب ۾ ٽرمپ چيو ته مون ايران جي تجويزن کي ڏٺو آهي ۽ اهي قطعي قبول ڪرڻ جوڳيون ناهن.
هن چيو ته 20 سالن تائين جوهري پروگرام جي معطلي سٺي تجويز آهي پر يورينيم جي افزودگي بابت ليول جي گارنٽي تسلي بخش ناهي.
آبناءِ هرمز بابت سوال تي هن چيو ته مون چيني صدر کان ڪنهن فيور لاءِ ناهي چيو، اسان کي ڪنهن فيور نه کَپي .“ .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.